Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 131:2 - Sindhi Bible

2 سچ پچ مون پنهنجيءَ جان کي صابر ۽ ماٺيڻو ڪيو آهي؛ جيئن ڪو ٿڻن ڇڏايل ٻار ماءُ جي هنج ۾ هجي، تيئن منهنجي جان ٿڻن ڇڏايل ٻار وانگي مون ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اٽلندو مون پنهنجو پاڻ کي خاموش ۽ ماٺيڻو بڻايو آهي. جيئن ڪو ٿڃ ڇڏايل ٻار ماءُ جي هنج ۾ دلجاءِ ڪيو پيو هجي، تيئن ئي منهنجي دل مون ۾ پُر سڪون آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 131:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق، ۽ منهنجو خدا آهي.


اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اُميد رک: ڇو جو هن جي نجات بخش ديدار لاءِ آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس.


اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون اندر ۾ ڇو اهڙي بي آرام آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق ۽ منهنجو خدا آهي.


منهنجي جان کي رڳو خدا جي آس آهي: انهي کان ئي منهنجي نجات آهي.


ڇالاءِ جو خداوند خدا، اسرائيل جو قدوس هيئن ٿو فرمائي، تہ موٽي اچڻ ۽ صبر ۾ رهڻ ڪري اوهان جي سلامتي آهي، خاموشيءَ ۽ ڀروسي ۾ اوهان جي طاقت آهي: پر اوهان ائين ڪرڻ نہ گهريو.


ائين چڱو آهي تہ ماڻهو اُميد رکي، ۽ خداوند جي نجات لاءِ منتظر رهي.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو خدا جي بادشاهي ننڍڙن ٻارن وانگر قبول نہ ڪندو، سو ڪنهن بہ طرح انهيءَ ۾ داخل نہ ٿيندو.


اوهين پنهنجي صبر سان پنهنجي جان بچائيندا.


اي ڀائرو، اوهين سمجهہ ۾ ٻار نہ ٿيو، بديءَ ۾ تہ ٻارڙا ٿيا، پر سمجهہ ۾ بالغ ٿيو.


ڏس، تو پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي تہ خداوند توکي اڄ هن غار ۾ منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو هو: ۽ ڪنهن مون کي ائين بہ چيو هو تہ توکي ماريان: پر منهنجي اک توکي ڇڏي ڏنو: ۽ مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ جي برخلاف هٿ نہ ڊگهيريندس؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو مسح ڪيل آهي.


۽ دائود کي ڏاڍو ڏک ٿيو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن هن کي سنگسار ڪرڻ جي ڳالهہ پئي ڪئي، جو سڀ ماڻهو پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي لاءِ غمگين هئا: پر دائود پاڻ کي خداوند پنهنجي خدا ۾ مضبوط ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ