Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 131:1 - Sindhi Bible

1 اي خداوند منهنجي دل ۾ مغروري ڪانهي، نڪي منهنجون اکيون آسمان ۾ آهن؛ نڪي جيڪي ڳالهيون وڏيون ۽ منهنجيءَ سمجهہ کان ٻاهر آهن، تن ۾ آءٌ پاڻ کي پتوڙيان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي خداوند! منهنجيءَ دل ۾ ڪا مغروري ڪانهي، نڪي وري آڪڙ ۾ منهنجيون اکيون آسمان تائين اوچيون آهن، عجيب ۽ وڏين ڳالهين ۾ آءٌ ڪوبہ دخل نہ ٿو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 131:1
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پاڻ ۾ يڪدل ٿي رهو. وڏن وڏن خيالن تي پنهنجي دل نہ ڄمايو، پر جيڪي نماڻا آهن تن سان سنگت رکو. پاڻ کي عقل وارا نہ سمجهو.


اهڙو علم منهنجي لاءِ تمام عجيب آهي؛ اهو بلند آهي، ۽ آءٌ انهي کي پهچي نٿو سگهان.


اهو ڪير آهي جو ناداني ڪري صلاح مصلحت کي لڪائي ٿو؟ تنهن ڪري مون اهي ڳالهيون ڪيون آهن جي مون نہ سمجهيون، اهي ڳالهيون جي منهنجي لاءِ تمام حيرت جهڙيون هيون ۽ جي مون نٿي ڄاتيون.


۽ تون پنهنجي لاءِ وڏيون شيون ٿو ڳولين ڇا؟ اُهي نہ ڳول: ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سڄي خلق تي خرابي آڻيندس: پر جن جن هنڌن تي تون ويندين اُتي آءٌ تنهنجي حياتي توکي غنيمت ڪري ڏيندس.


جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي پرپٺ گلا ٿو ڪري تنهن کي آءٌ برباد ڪندس: آءٌ بلند نظر ۽ مغرور دل جي برداشت ڪين ڪندس.


هاڻي اسرائيل هيئن چوي، تہ جيڪڏهن خداوند اسان جي پاسي نہ هجي ها؛


جڏهن هنن مون کي چيو تہ هلو تہ خداوند جي گهر هلون، تڏهن آءٌ خوش ٿيس.


هاڻي سڄي زمين تي جيڪي ماڻهو هئا، تن سڀني کان موسيٰ تمام حليم هو.


منهنجي پاڃاري پاڻ تي کڻو، ۽ مون کان سکو؛ ڇالاءِ جو آئون دل جو حليم ۽ نماڻو آهيان، ۽ اوهان جي روح کي آرام ملندو.


ڏسو اها ڪهڙي نہ چڱي ۽ وڻندڙ ڳالهہ آهي، تہ ڀائر پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن!


۽ سائول جي نوڪرن اها ڳالهہ دائود جي ڪن ۾ چئي. ۽ دائود چيو تہ آءٌ غريب ۽ حقير سمجهيل آهيان، تڏهن بادشاهہ جو ناٺي ٿيڻ اوهان کي ڪا جهڙي تهڙي ڳالهہ نظر ٿي اچي ڇا؟


۽ سائول يسيءَ ڏي چوائي موڪليو تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ ڀلي دائود مون وٽ رهي؛ ڇالاءِ جو هن منهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي.


تڏهن انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون بيت لحم واري يسي جو پٽ ڏٺو آهي جو وڄائڻ ۾ ڏاڍو ڀڙ آهي، ۽ زور ڀريو ۽ همٿ وارو ماڻهو آهي، ۽ جنگي جوان، ۽ ڳالهائڻ جو خبردار، ۽ خوبصورت شخص آهي، ۽ خداوند هن ساڻ آهي.


تڏهن سموئيل تيل جو سڱ کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي وچ ۾ مسح ڪيائين: ۽ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي خداوند جو روح ڏاڍي زور سان دائود تي نازل ٿيڻ لڳو. پوءِ سموئيل اُٿيو ۽ رامہ ڏي ويو.


هو پاڻ کي پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ نہ سمجهي، ۽ هن حڪم کان ساڄي پاسي يا کٻي پاسي نہ ڦري، تہ اسرائيل منجهہ سندس بادشاهت ۾، سندس، ۽ سندس اولاد جي عمر وڏي ٿئي.


واهہ واهہ، خدا جي دولت ۽ حڪمت ۽ علم ڪهڙو نہ بي بيان آهي! سندس فيصلا ڪهڙا نہ سمجهہ کان ٻاهر آهن، ۽ سندس رستن جو پتو پئجي نٿو سگهي!


۽ دل جي ڏاڍيءَ نماڻائيءَ سان، ڳوڙها ڳاڙي، ۽ جيڪي آزمائشون يهودين جي منصوبن ڪري مون تي پئي آيون تن هوندي بہ، خداوند جي خدمت پئي ڪئي اٿم:


باقي آءٌ سو تنهنجي پٺيان ڌنار ٿيڻ کان ضدي نہ ٿيو آهيان؛ نڪي مون ويل واري ڏينهن جي خواهش ڪئي آهي: تون ڄاڻين ٿو؛ جيڪي منهنجن چپن مان نڪتو، سو تنهنجي روبرو هو.


۽ هاڻي دائود سائول وٽ پيو ايندو ويندو هو، ۽ بيت لحم ۾ پنهنجي پيءُ جون رڍون چاريندو هو.


اوهين پاڻ شاهد آهيو ۽ خدا بہ تہ ڪهڙيءَ طرح ايمان وارن سان اسين پاڪ، ۽ راستباز ۽ بي عيب ٿي هلياسين:


۽ آءٌ انهيءَ کان بہ وڌيڪ حقير ٿيندس، ۽ پنهنجي نظر ۾ ذليل ٿيندس: مگر ٻانهيون، ۽ جن جو تو ذڪر ڪيو آهي، تن جي نظر ۾ آءٌ عزت وارو ٿيندس.


مٿانهين نظر ۽ مغرور دل، جا شريرن جي ڏيئي وانگر آهي سا گناهہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ