6 آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس، ڇالاءِ جو هن مون سان گهڻي ڀلائي ڪئي آهي.
6 آءٌ پنهنجي خداوند جي واکاڻ پيو ڳائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان گھڻي ڀلائي ڪئي آهي.
اي منهنجي جان تون پنهنجي آرامگاهہ ۾ موٽي اچ؛ ڇو جو خداوند تو سان ڏاڍي ڀلائي ڪئي آهي.
جڏهن آءٌ تنهنجا سچا فيصلا سکندس، تڏهن آءٌ دل جي سچائيءَ سان تنهنجي شڪرگذاري ڪندس.
اي خداوند، شل تون پنهنجي طاقت جي ڪري سرفراز ٿين: ۽ اسين گيت ڳائي تنهنجي قدرت جي تعريف ڪنداسين.
خداوند منهنجي طاقت ۽ منهنجي ڍال آهي؛ انهيءَ تي منهنجيءَ دل جو ڀروسو آهي، ۽ مون کي مدد ملي آهي: تنهن ڪري منهنجي دل ڏاڍي خوش آهي؛ ۽ آءٌ گيت ڳائي سندس تعريف ڪندس.
قومن جيڪا کڏ کوٽي آهي، تنهن ۾ اهي پاڻ ڪري پيون آهن؛ جو ڄار انهن لڪائي رکيو آهي، تنهن ۾ سندن ئي پير ڦاٿا آهن.