Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 13:4 - Sindhi Bible

4 ائين نہ ٿئي جو منهنجو دشمن چوي تہ آءٌ هن تي غالب پيو آهيان: ۽ منهنجا دشمن منهنجي لوڏي کائڻ ڪري خوش ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ائين نہ ٿئي جو منهنجا دشمن منهنجي لوڏي کائڻ تي خوش ٿي چون تہ ”اسين هن تي غالب پيا آهيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 13:4
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي ٿوري وقت لاءِ خداوند اسان جي خدا اسان کي مهرباني ڏيکاري آهي، جو اسان مان باقي بچيلن کي ڇڏيو اٿس، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان ۾ اسان کي هڪڙي ڪلي ڏني اٿس، انهيءَ لاءِ تہ اسان جو خدا اسان جون اکيون روشن ڪري، ۽ اسان جي غلاميءَ ۾ اسان کي ٿورو تازو ڪري.


هو پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿو تہ خدا ڀلجي ويو آهي: هو پنهنجو منهن لڪائي ٿو؛ هو انهي کي ڪڏهن ڪين ڏسندو.


هن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو؛ ڇو جو راستباز جي يادگيري هميشہ تائين رهندي.


اي منهنجا خدا، آءٌ توتي ڀروسو ٿو رکان، مونکي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ۽ منهنجا دشمن مون تي فتحياب نہ ٿين.


ائين نہ ٿئي تہ جيڪي ناحق منهنجا دشمن آهن سي مون تي خوش ٿين: ۽ جيڪي بي سبب مون سان نفرت ٿا رکن سي مون تي اکيون ڀڃن.


ائين نہ ٿئي تہ اهي پنهنجي دل ۾ چون تہ واهہ واهہ، اسان اهو ئي ٿي گهريو: ۽ ائين نہ چون تہ اسان هن کي ڳڙڪائي ڇڏيو.


ڇالاءِ جون مون چيو تہ ائين نہ ٿئي تہ اهي مون تي کلن؛ ۽ جڏهن منهنجو پير ترڪي تڏهن اهي مون تي پاڻ کي پڏائين.


پنهنجو بار خداوند تي رک، تہ هو توکي سنڀاليندو: هو راستبازن کي ڪڏهن بہ لوڏو کائڻ ڪين ڏيندو.


رڳو اهو ئي منهنجو ٽڪر ۽ منهنجي نجات آهي: اهو ئي منهنجو اوچو ٺلهہ آهي؛ سو مون کي لوڏو ئي ڪين ايندو.


رڳو اُهو ئي منهنجو ٽڪر ۽ منهنجي نجات آهي: اهو ئي منهنجو اوچو ٺلهہ آهي؛ سو مون کي لوڏو ئي ڪين ايندو.


اي خداوند، اُٿ، انسان غالب نہ ٿئي؛ ڀلي تہ تنهنجي حضور ۾ قومن جي عدالت ٿئي.


ماڻهو شرارت جي ڪري قائم نہ رهندو: پر سچي جي پاڙ ڪڏهن بہ چورڻ جي ناهي.


۽ اُهي تو سان وڙهندا؛ پر اُهي توتي غالب نہ پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.


انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ روئان ٿي؛ منهنجي اک، منهنجي اک مان پاڻي وهي ٿو؛ ڇالاءِ جو جيڪو دلاسي ڏيندڙ منهنجي روح کي تازي ڪرڻ وارو آهي، سو مون کان پري آهي: منهنجا ٻار ٻچا رلي ويا آهن، ڇالاءِ جو دشمن غالب پئجي ويو آهي.


ڇالاءِ جو ڪنعاني، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري گهيري ويندا، ۽ زمين تان اسان جو نالو ئي ميٽجي ويندو: پوءِ تون پنهنجي وڏي نالي لاءِ ڇا ڪندين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ