Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 13:2 - Sindhi Bible

2 ڪيستائين آءٌ سڄو ڏينهن پنهنجي دل ۾ غمگين ٿي، پنهنجي جيءَ ۾ خيال ڪندو رهندس؟ ڪيستائين منهنجو دشمن مون تي سربلند رهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڪيستائين آءٌ پنهنجيءَ دل ۾ غم کائيندو وتندس؟ ڪيستائين آءٌ رات ڏينهن روح ۾ رنجيدو رهندس؟ آخر ڪيستائين منهنجو دشمن مون تي سوڀارو رهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 13:2
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ مون کي چيو تہ تنهنجو چهرو ڇو غمگين آهي، جيتوڻيڪ تون بيمار نہ آهين؟ هي دل جي ڏک کانسواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين آهي. تڏهن آءٌ ڏاڍو ڊنس.


۽ آستر چيو تہ دشمن ۽ ويري هي شرير هامان آهي. تڏهن هامان بادشاهہ ۽ راڻيءَ جي اڳيان ڊڄي ويو.


جي آءٌ شرير هوندس تہ منهنجي حال تي افسوس آهي؛ ۽ جي آءٌ سچو هوندس تہ بہ آءٌ پنهنجو منهن مٿي نہ کڻندس؛ جو شرمندگيءَ سان ڀريل آهيان، ۽ پنهنجي مصيبت تي نظر اٿم.


انهي لاءِ تہ تون يتيمن ۽ مظلومن جو انصاف ڪرين، تہ انسان جو مٽيءَ مان ٺهيل آهي سو وري ڪڏهن ظلم نہ ڪري.


موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون ۽ قبر جا درد مون تي اچي پيا: آءٌ ڏک ۽ غم ۾ جهلجي ويس.


انهن شريرن کان، جي مون سان ظلم ٿا ڪن، ۽ منهنجن جاني دشمنن کان، جي مون کي چوڌاري ويڙهي ويا آهن.


جن جي واتن مان ڪوڙيون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ جيڪي راستباز ماڻهوءَ جي برخلاف گستاخيءَ سان، مغروريءَ ۽ نفرت جون ڳالهيون ٿا ڪن، تن کي ماٺ ڪراءِ.


جو آءٌ ڪرڻ تي آهيان، ۽ منهنجو غم هميشہ منهنجي سامهون آهي.


جڏهن آءٌ اهي ڳالهيون ياد ٿو ڪريان، تہ ڪيئن جماعت خوشيءَ ۽ تعريف جي آواز سان وڏو ڏينهن ٿي ملهايو، جنهن جماعت سان گڏجي آءٌ خدا جي گهر ۾ ويندو هوس، تڏهن منهنجي جان فڪرمند ٿي ٿئي.


اي خداوند موٽ، اچي منهنجيءَ جان کي ڇڏاءِ؛ پنهنجيءَ ٻاجهہ سان مونکي بچاءِ.


ائين نہ ٿئي تہ جڏهن ڪو بچائڻ وارو نہ هجي، تڏهن هو شينهن وانگي مونکي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري.


اي خدا ڪيستائين دشمن طعنا هڻندو رهندو؟ دشمن تنهنجي نالي تي هميشہ تائين ڪفر بڪندو ڇا؟


اي خداوند ياد ڪر تہ دشمن طعنا هنيا آهن، ۽ بيوقوف قوم تنهنجي نالي ڪفر بڪيو آهي.


تو پنهنجي دشمنن جي ڪري، ٻارڙن ۽ کير پياڪن جي واتان، پنهنجو زور قائم ڪيو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ تون دشمن ۽ وير وٺڻ واري کي ماٺ ڪرائين.


دشمنن جي پڇاڙي ٿي آهي، اهي هميشہ جي لاءِ فنا ٿي ويا آهن؛ ۽ جن شهرن کي تو ڦٽائي ڇڏيو آهي، تن جي يادگيري بہ ميٽجي ويئي آهي.


دل جي خوشي شڪل کي خوش ڪري ٿي: پر دل جي ڏک کان روح شڪستو ٿي پوي ٿو.


پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو اونداهيءَ ۾ کائي ٿو، ۽ ڏاڍو بيزار آهي، ۽ بيماري ۽ ڪاوڙ ٿي رهيس.


ڇا جي ڪري منهنجو درد مدامي آهي، ۽ منهنجو زخم ڇٽڻ جهڙو نہ آهي، ۽ علاج کان انڪار ٿو ڪري؟ تحقيق تون منهنجي لاءِ دغا ڏيندڙ نهر وانگي ٿيندين ڇا جنهن جي پاڻيءَ تي ڀروسو ڪونهي؟


تو چيو تہ هاڻي منهنجي لاءِ افسوس آهي! ڇالاءِ جو خداوند منهنجي سور تي ڏک وڌايو آهي؛ آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان، ۽ آرام ڪونہ ٿو اچيم.


شل ڏک کان آءٌ پاڻ کي تسلي ڏئي سگهان! منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي.


ان جا دشمن غالب پيا آهن، ان جا ويري خوش پيا گذارين؛ ڇالاءِ جو خداوند اُن کي سندس گهڻين بدڪارين سبب ڏک ڏنو آهي: ان جا ننڍا ٻار دشمن جي اڳيان قيد ٿي ويا آهن.


سندس گند سندس دامن ۾ هو؛ هن کي پنهنجي پڇاڙي ياد نہ هئي؛ تنهن ڪري هوءَ عجيب طرح هيٺ لهي آئي آهي؛ ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونہ اٿس: اي خداوند، منهنجو ڏک ڏس: ڇالاءِ جو دشمن پاڻ کي وڏو ڪيو آهي.


ڇو تون اسان کي هميشہ لاءِ وساري ٿو ڇڏين، ۽ هيترو سارو وقت اسان کي ترڪ ٿو ڪرين؟


تڏهن هنن کي چيائين، تہ منهنجي جان ڏاڍي ڏک ۾ آهي، ڄڻ تہ موت آيو اٿم: اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳو.


جڏهن آئون هر روز اوهان سان هيڪل ۾ هوندو هوس، تڏهن اوهان مون کي هٿ ئي ڪونہ لاتو، پر هينئر اوهان جي گهڙي آهي، ۽ اونداهيءَ جو زور آهي.


پر مون اهي ڳالهيون اوهان سان ڪيون آهن، تنهنڪري اوهان جي دل ڏک سان ڀرجي ويئي آهي.


تہ مون کي ڏاڍو رنج آهي، ۽ منهنجي دل ۾ سدائين درد ٿو رهي.


سچ پچ هو بيمار هو ۽ مرڻ تي هو، پر خدا مٿس رحم ڪيو، ۽ نہ رڳو مٿس، پر مون تي بہ، تہ مون کي ڏک پٺيان ڏک نہ رسي.


۽ سائول دائود کان اڃا بہ وڌيڪ ڊڄڻ لڳو؛ ۽ سائول هميشہ لاءِ دائود جو دشمن ٿيو.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو دشمن هٿ اچي تہ جيڪر اهو هن کي سلامت ڇڏي ڏئي ڇا؟ تنهنڪري شل خداوند توکي انهي چڱائي جو چڱو عيوض ڏئي، جا تو اڄوڪي ڏينهن مون سان ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ