1 مبارڪ آهي اهو جو خداوند کان ڊڄي ٿو ۽ سندس واٽن تي ٿو هلي.
1 سڀاڳو آهين تون، اي منهنجا ڀاءُ! جيڪو خداوند جو خوف رکندي سندس واٽن تي ٿو هلين.
ڇالاءِ جو مون خداوند جي رستن جي سنڀال ڪئي آهي: ۽ شرارت ڪري خدا کان پري نہ ٿيو آهيان.
اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ؛ ۽ جيڪي منهنجي اندر آهي سو سڀ هن جي پاڪ نالي کي مبارڪ چوي.
جيئن پيءُ پنهنجي ٻارن تي ڪهل ٿو ڪري، تيئن خداوند انهن تي ڪهل ٿو ڪري جي کانئس ڊڄن ٿا.
پر جن کي خداوند جو ڊپ آهي، تن تي سندس رحم ازل کان ابد تائين آهي، ۽ سندس راستبازي انهن جي اولاد جي اولاد تي هلندي اچي.
اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن کي خداوند جو ڊپ آهي، اهو سندس حڪمن جي ڪري گهڻو خوش ٿو رهي.
جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، ننڍا توڙي وڏا، تن کي هو برڪت ڏيندو.
مبارڪ آهن اهي جي سنئين واٽ ٿا وٺن، ۽ خداوند جي شريعت تي عمل ٿا ڪن.
هائو، اهي ڪابہ بڇڙائي نٿا ڪن؛ پر هن جي واٽن تي ٿا هلن.
مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ هن مون کي جواب ڏنو.
آءٌ پنهنجون اکيون جبلن ڏانهن کڻي نهاريندس: منهنجي مدد ڪٿان ايندي؟
جڏهن هنن مون کي چيو تہ هلو تہ خداوند جي گهر هلون، تڏهن آءٌ خوش ٿيس.
تون جو آسمانن ۾ ويٺو آهين، تو ڏانهن آءٌ پنهنجون اکيون کڻي ٿو نهاريان.
هاڻي اسرائيل هيئن چوي، تہ جيڪڏهن خداوند اسان جي پاسي نہ هجي ها؛
جن جو ڀروسو خداوند تي آهي سي صيون جبل جهڙا آهن، جو هٽجي نٿو سگهي، پر هميشہ قائم آهي.
جڏهن خداوند صيون جي قيدين کي موٽائي آندو، تڏهن اسين انهن جهڙا هئاسين جي خواب ٿا لهن.
جيڪڏهن خداوند پاڻ گهر نہ اڏي، تہ اڏيندڙن جي محنت اجائي آهي: جيڪڏهن خداوند پاڻ شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ چوڪيدار جو جاڳڻ اجايو آهي.
خداوند انهن کان راضي ٿو ٿئي جيڪي کانئس ڊڄن ٿا، ۽ سندس رحم تي اُميد ٿا رکن.
شل منهنجي اُمت منهنجو آواز ٻڌي، ۽ اسرائيل منهنجن واٽن تي هلي!
۽ سندس ٻاجهہ پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ اُنهن تي آهي، جي کانئس ڊڄن ٿا.
اُهي ٻئي خدا جي حضور ۾ راستباز، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قاعدن تي بي قصور هلندڙ هئا.
تنهن کانپوءِ ساري يهوديہ، ۽ گليل، ۽ سامريہ ۾ ڪليسيا کي امن مليو، ۽ اُها قائم ٿيندي ويئي؛ ۽ خداوند جي ڊپ ۾ هلندي ۽ پاڪ روح جي تسلي ۾ وڌندي ويئي.
تون شهر ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين، ۽ ٻنيءَ ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين.
تڏهن هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خداوند يسوع ۾ عرض ٿا ڪريون، ۽ نصيحت ٿا ڏيون، تہ جهڙيءَ طرح اوهان کي اسان کان مناسب هلت چلت ڪرڻ، ۽ خدا کي خوش ڪرڻ جي تعليم ملي، جهڙي طرح اوهين هلو بہ پيا، تهڙيءَ طرح شل اوهين ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃو.