Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 127:3 - Sindhi Bible

3 ڏسو اولاد خداوند وٽان ورثو آهي: ۽ پيٽ جو ڦر هنجي طرفان انعام آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ٻار خداوند جو عطيو آهن، هائو، اهي والدين لاءِ خداوند جي طرفان هڪ نعمت آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 127:3
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا انهن کي برڪت ڏيئي چيو، تہ وڌو ۽ ويجهو، ۽ زمين کي ڀرپور ۽ تابع ڪريو؛ ۽ سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي ۽ سڀني جانورن تي حڪومت هلايو.


۽ ربقہ کي دعا ڪري چيائون تہ اسان جي ڀيڻ، شل تون هزارن ۽ لکن جي ماءُ ٿين، شل تنهنجو اولاد پنهنجي دشمن جي دروازي تي قبضو ڪري.


پوءِ هن پنهنجيون اکيون مٿي کنيون ۽ زالن ۽ ٻارن کي ڏٺائين، ۽ چيائين تہ هي توسان ڪير آهن؟ تڏهن هن چيو تہ اهي ٻار آهن، جي خدا پنهنجي فضل سان تنهنجي ٻانهي کي ڏنا آهن.


پوءِ آدم پنهنجيءَ زال حوا وٽ ويو؛ ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ قائن ڄايس، تڏهن هن چيو تہ خداوند جي ٻاجهہ سان مون کي هڪڙو ماڻهو مليو آهي.


۽ مون کي چيائين تہ ڏس، آءٌ توکي ڦلدار ڪندس ۽ توکي وڌائيندس، ۽ تو مان گهڻيون ئي قومون پيدا ڪندس، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس.


۽ ڇهون اترعام هو، جو دائود جي زال عجلاہ مان هو: اهي دائود کي حبرون ۾ ڄاوا هئا.


۽ منهنجن سڀني پٽن مان، (ڇالاءِ جو مون کي خدا گهڻيئي پٽ ڏنا آهن،) هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو، اسرائيل جي مٿان خداوند جي بادشاهت جي تخت تي ويهي.


۽ اولام جا پٽ همت وارا بهادر مرد ۽ ڪماندار هئا، ۽ انهن کي گهڻا پٽ ۽ پوٽا هئا، جي ڏيڍ سؤ هئا، اهي سڀ بنيمين جا پٽ هئا.


۽ هن کي ست پٽ ۽ ٽي ڌيئرون هيون.


۽ انهن جون ڪمانون جوان ماڻهن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏينديون، ۽ انهن کي کير پياڪن تي ڪوبہ رحم نہ ايندو؛ انهن جي اک ٻارن کي بہ ڇڏي نہ ڏيندي.


ڏس، آءٌ ۽ جيڪي ٻار خداوند مون کي ڏنا آهن، سي اسرائيل ۾ لشڪرن جي خداوند جا، جو صيون جبل تي ٿو رهي، نشان ۽ معجزا آهيون.


۽ جيڪو ملڪ توکي ڏيڻ لاءِ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ هو تنهنجي اولاد کي، ۽ تنهنجي چوپائي مال کي، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار کي گهڻو وڌائي توکي سکي ڪندو.


تنهنجي اولاد ۾، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار ۾، تنهنجن ڍورن جي ٻچن ۾، يعني تنهنجن گاين ۽ تنهنجن ڌڻن جي ٻچن ۾ برڪت پوندي.


۽ انهيءَ کي ٽيهہ پٽ هئا؛ ۽ هن ٽيهہ ڌيئرون ڌارين ۾ پرڻايون، ۽ پنهنجن پٽن لاءِ ٽيهہ ڇوڪريون ڌارين مان آندائين. اُهو ست سال اسرائيل جو قاضي هو.


اُها دعا هن ٻار جي لاءِ ٿي گهريم: ۽ خداوند کان جيڪا مراد مون گهري، سا هن پوري ڪئي آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ