Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 127:2 - Sindhi Bible

2 اوهين جي صبح جو سوير ٿا اُٿو، ۽ رات جو دير سان ٿا سمهو، ۽ سخت پورهيو ڪري ماني ٿا کائو، سو بہ اجايو آهي: ڇو جو هو پنهنجن پيارن کي ننڊ ۾ ئي ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 سو اوهين جيڪي سخت پورهيو ڪري رزق حاصل ڪرڻ لاءِ، صبح جو سوير اُٿو ٿا ۽ رات جو دير سان ٿا سُمهو، اهو اوهان لاءِ بي‌فائدي آهي، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي پيارن کي ننڊ ۾ بہ عطا ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 127:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون امن ۾ هوندين، ڇالاءِ تہ اُميد آهي؛ هائو، تون پنهنجي آس پاس ڳولا ڪندين ۽ صحيح سلامت وڃي آرام وٺندين.


آءٌ ليٽي پيس ۽ سمهي رهيس؛ آءٌ جاڳي اُٿيس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي سنڀالي ٿو.


آءٌ بي فڪر ٿي ليٽندس ۽ ننڊ ڪندس ڇالاءِ جو رڳو تون ئي، اي خداوند، مونکي سلامتيءَ ۾ ٿو رکين.


پنهنجي ساڄي هٿ سان اسان کي بچاءِ، ۽ اسان کي جواب ڏي: تہ تنهنجا محبوب ڇڏايا وڃن.


خداوند جي برڪت دولتمند ڪري ٿي، ۽ هو انهيءَ تي ڏک نٿو وڌائي.


جيڪي ڪم سج هيٺان ڪيا ويا آهن سي سڀ مون ڏٺا آهن؛ ۽ ڏسو سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي، ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻو آهي.


هڪڙو اڪيلو ماڻهو آهي، جنهن وٽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ بلڪ هن کي نڪو پٽ آهي، نڪو ڀاءُ آهي؛ انهي هوندي بہ هن جي محنت جي پڄاڻي ڪانهي، نڪي هن جون اکيون دولت سان ڍاول آهن. هو چوي ٿو تہ ڪنهن جي لاءِ آءٌ هيتري محنت ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجهان؟ اِها بہ بيهودگي آهي، هائو، نسوري زحمت آهي.


پورهئي ڪندڙ ماڻهوءَ جي ننڊ مٺي آهي، پوءِ هو ٿورو کائي يا گهڻو: پر دولتمند جي پيٽ ڀريائي هن کي سمهڻ نہ ڏيندي.


ماڻهوءَ جي سڀ محنت پنهنجي پيٽ لاءِ آهي، انهي هوندي بہ هن جي اشتها پوري نٿي ٿئي.


اتي آءٌ جاڳي پيس ۽ نگاهہ ڪيم؛ ۽ منهنجي ننڊ مون کي مٺي لڳي.


۽ آءٌ هنن سان صلح جو عهد اقرار ڪندس، ۽ خراب جانورن کي انهي زمين مان موقوف ڪري ڇڏيندس: پوءِ هو سلامتيءَ سان بيابان ۾ رهندا ۽ ٻيلي ۾ سمهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ