Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 123:4 - Sindhi Bible

4 جيڪي آرام ۾ آهن تن جون ٺٺوليون، ۽ جيڪي مغرور آهن تن جي حقارت سهي، اسان جي جان ٿڪجي پيئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 دولتمند ماڻهن جون ٺٺوليون، ۽ مغرورن جي حقارت سهندي سهندي، اسين بلڪل بيزار ٿي پيا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 123:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، ۽ جشم عربي، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کلون ۽ ٺٺوليون ڪيائون، ۽ اسان کي ڌڪارڻ لڳا، ۽ چيائون تہ هي ڪهڙو ڪم آهي جو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين بادشاهہ کان باغي ٿيندا ڇا؟


جيڪو آرام ۽ سک ۾ آهي تنهن جي خيال ۾ مصيبت جي لاءِ نفرت آهي؛ اها انهن جي لاءِ تيار آهي جن جو پير ترڪي ٿو.


آءٌ بہ اوهان وانگر ڳالهائي ٿي سگهيس؛ جيڪڏهن اوهان جي جان منهنجي جان جي جاءِ تي هجي تہ جيڪر آءٌ لفظ ڳنڍي اوهان جي سامهون ڪريان، ۽ پنهنجو مٿو اوهان تي لوڏيان.


مغرورن مون سان ڏاڍيون ٺٺوليون ڪيون آهن: پر آءٌ تنهنجيءَ شريعت کان ڪين ڦريو آهيان.


اي آرام طلب زالون اوهين ڏڪو؛ اي بي پرواهہ، اوهين ڏک ڪريو: ڪپڙا لاهي اُگهاڙيون ٿيو، ۽ پنهنجيءَ چيلهہ سان کٿو ٻڌو.


اي آرام طلب زالون اوهين اُٿي منهنجو آواز ٻڌو؛ اي بي پرواهہ ڌيئرون منهنجون ڳالهيون ڪن ڏيئي ٻڌو.


موآب ننڍي هوندي کان آرام ۾ رهيو، ۽ اُن جي ڪٽي تري ۾ ويهي ويئي آهي، ۽ هو هڪڙي ٿانوَ مان ٻئي ٿانوَ ۾ نہ اوتيو ويو آهي، ۽ نہ هو قيد ٿي موڪليو ويو آهي: تنهن ڪري هن جو سواد قائم آهي، ۽ ان جي بوءِ بدلي نہ آهي.


ڇالاءِ جو اسرائيل تنهنجي لاءِ کل ٺٺولي ڪين هو ڇا؟ اُهو چورن ۾ ڏٺو ويو هو ڇا؟ ڇالاءِ جو جيترا ڀيرا تون هن جو ذڪر ٿو ڪرين اوترا ڀيرا تون پنهنجو ڪنڌ لوڏين ٿو.


اسان موآب جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي تہ اهو ڏاڍو مغرور آهي؛ يعني انهي جي وڏائي ۽ انهي جي مغروري ۽ انهي جي گستاخي ۽ ان جي دل جو هٺ.


افسوس آهي انهن جي حال تي، جي صيون ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ انهن جي حال تي، جي سامريہ جي جبل ۾ صحيح سلامت آهن، ۽ انهن مشهور ماڻهن جي حال تي، جي قوم جا سردار آهن، ۽ جن وٽ اسرائيل جي گهراڻي وارا اچن ٿا!


(هاڻي اٿينيءَ جا سڀ رهاڪو، ۽ ٻيا پرديسي ماڻهو جي اتي رهندا هئا، سي فرصت جي وقت ٻي ڪا ڪرت ڪانہ ڪندا هئا، پر رڳو نيون نيون ڳالهيون ٻُڌندا ۽ ٻُڌائيندا هئا).


هاڻي جڏهن هنن مُئلن جي جيئري ٿيڻ جو ٻُڌو، تڏهن ڪي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، پر ٻين چيو تہ اسان کي اها ڳالهہ وري بہ ٻُڌائج.


اڃا هن انهيءَ طرح پنهنجو بچاءُ پئي ڏنو، تہ فيستس واڪو ڪري چيو، تہ اي پولس، تون ديوانو ٿي پيو آهين؛ تنهنجي گهڻي علم توکي چريو ڪري ڇڏيو آهي.


جڏهن اسان جي بدنامي ٿا ڪن، اسين منٿ زاري ٿا ڪريون؛ اسين هن وقت تائين جهان جو گند ڪچرو ۽ سڀني شين جي ٻهر وانگر پيا ليکجون.


۽ جڏهن انهي فلستيءَ هيڏي هوڏي نهاريو، ۽ دائود کي ڏٺائين تڏهن هن کي حقير ڄاتائين: ڇالاءِ جو هو اڃا ڇوڪر هو، ۽ ڳاڙهيرو ۽ خوبصورت هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ