Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 123:3 - Sindhi Bible

3 اسان تي رحم ڪر، اي خداوند، اسان تي رحم ڪر: ڇو جو اسين حقارت سهي سهي ٿڪجي پيا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اسان تي رحم ڪر اي خداوند! اسان تي پنهنجو رحم ڪر، ڇوجو حقارت سهي سهي اسين تنگ ٿي پيا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 123:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خداوند جي صندوق دائود جي شهر ۾ آئي تيئن سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ۽ دائود کي خداوند جي اڳيان نچندو ٽپندو ڏٺائين؛ انهيءَ ڪري سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت پيدا ٿي.


۽ انهن وڃي هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو چوي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت جو، ۽ طعني جو، ۽ ڌڪار جو آهي: ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آيا آهن پر انهن کي ڄڻڻ جي طاقت ڪانہ رهي آهي.


جيڪي منهنجي گهر ۾ رهن ٿا سي، ۽ منهنجون ٻانهيون، مون کي ڌاريو ٿيون شمار ڪن: هنن جي نظر ۾ آءٌ هڪڙو پرديسي آهيان.


اي منهنجيءَ راستبازيءَ جا خدا، جڏهن آءٌ پڪاريان، تڏهن مون کي جواب ڏي؛ تو مونکي مشڪلات جي وقت ڇڏايو آهي: مون تي رحم ڪر ۽ منهنجي دعا ٻڌ.


مون تي رحم ڪر، اي خدا، مون تي رحم ڪر؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان تنهنجي پناهہ ۾ آهي: هائو جيستائين هي آفتون ٽري نہ وڃن تيستائين آءٌ تنهنجن کنڀن جي پاڇي هيٺ پناهہ وٺندس.


هو ماڻهن ۾ حقير، ۽ رد ٿيل هو؛ هو ڏکن ڀريو ماڻهو، ۽ غم جو واقف، اهڙو ڌڪاريل ماڻهو هو جنهن کان هو پنهنجو منهن ڦيرائين، اسان هن جو قدر نہ ڪيو.


هن کي کپي تہ ڌڪ هڻڻ واري کي پنهنجو ڳل ڏئي؛ پوءِ ڀلي تہ خواريءَ سان ڀرجي.


نڪي اڳتي وري آءٌ توکي غير قومن جا مهڻا ٻڌڻ ڏيندس، نڪي وري اڳتي تون غير قومن جي ملامت کڻندين، نڪي اڳتي وري پنهنجي قوم کي ٿاٻڙائيندين؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.


تنهنڪري اسرائيل جي زمين جي نسبت ۾ نبوت ڪري جبلن، ۽ ٽڪرين، ۽ نهرن، ۽ وادين کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، اوهان غير قومن جي خواري کنئي آهي، تنهنڪري مون پنهنجي غيرت ۽ پنهنجي ڪاوڙ ۾ ڳالهايو آهي:


۽ فريسي جن کي پيسي جي ڏاڍي لالچ هئي، سي اُهي سڀ ڳالهيون ٻُڌي مٿس ٺٺولي ڪرڻ لڳا.


۽ خلق بيٺي ڏٺو: ۽ سردارن پڻ مٿس چٿرون ڪري پئي چيو تہ ٻين کي تہ بچايائين، هاڻ جي هيءُ خدا جو مسيح ۽ سندس چونڊيل آهي، تہ پاڻ کي بچائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ