Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 123:2 - Sindhi Bible

2 ڏسو، جيئن غلامن جون اکيون پنهنجي مالڪ جي هٿ ڏانهن، ۽ جيئن ٻانهين جون اکيون پنهنجي سائڻ جي هٿ ڏانهن پيون نهارين؛ تيئن اسان جون اکيون خداوند اسان جي خدا ڏانهن پيون نهارين، جيسين ڪہ هو اسان تي رحم ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 جيئن ڪنهن غلام جون اکيون پنهنجي مالڪ جي هٿن ڏانهن نهارين ٿيون، يا جيئن ڪنهن ٻانهيءَ جون اکيون پنهنجي سانئڻ جي هٿن ڏانهن نهارين ٿيون، تيئن ئي اسان جون اکيون تو خداوند اسان جي خدا ڏانهن نهارين ٿيون، جيستائين تون اسان تي رحم نہ ڪندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 123:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن چيو تہ هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ٿي ڦٽي. تنهن تي هن چيو تہ آءٌ تيسين توکي وڃڻ ڪين ڏيندس، جيسين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.


اي خداوند، آءٌ تنهنجي نجات جو منتظر آهيان.


۽ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، ساري اسرائيل قوم جون اکيون تو تي آهن، انهيءَ لاءِ تہ تون هنن کي ٻڌائين تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ کان پوءِ ڪير تخت تي ويهندو.


اي اسان جا خدا، تون انهن جو انصاف نہ ڪندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيڪا وڏي جماعت اسان سان وڙهڻ لاءِ ٿي اچي، تنهن سان سامهون ٿيڻ جي اسان کي طاقت ڪانهي؛ نڪا اسان کي خبر ٿي پوي تہ ڇا ڪريون: پر اسان جون اکيون توتي آهن.


تنهنجي ڪلام جو انتظار ڪندي منهنجي اکين ۾ ڌنڌ ٿي پيو آهي، ۽ آءٌ ائين پيو چوان تہ ڪڏهن تون مون کي تسلي ڏيندين؟


منهنجون اکيون هميشہ خداوند ڏانهن آهن؛ ڇالاءِ جو هو منهنجا پير ڄار مان ڇڏائيندو.


۽ انهيءَ مراد سان تہ هميشہ دعا گهرڻ کپي، ۽ ڪڏهن همت نہ هارجي، هن انهن کي هڪڙو مثال ڏيئي چيو،


تڏهن جبعون جي ماڻهن يشوع ڏي جلجال جي منزل تي چوائي موڪليو تہ تون پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻ؛ جلد اچي اسان کي بچاءِ، ۽ اسان جي مدد ڪر: ڇالاءِ جو امورين جا سڀ بادشاهہ، جي جبلن ۾ ٿا رهن، سي اسان جي برخلاف اچي گڏ ٿيا آهن.


تنهنڪري هاڻي اوهين لعنتي ٿيا، ۽ اوهان مان ڪوبہ، غلاميءَ، ۽ منهنجي خدا جي گهر لاءِ ڪاٺين وڍڻ، ۽ پاڻي ڀرڻ جي ڪم کان آزاد نہ ٿيندو.


۽ انهيءَ ڏينهن يشوع انهن کي جماعت جي لاءِ، ۽ خداوند جي قربانگاهہ لاءِ، ڪاٺين وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ مقرر ڪيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ