7 خداوند توکي سڀ ڪنهن برائيءَ کان سنڀاليندو؛ هو تنهنجي جان جي سنڀال ڪندو.
7 خداوند تو کي هر بلا کان محفوظ رکندو، هائو، هو تنهنجيءَ جان جي حفاظت ڪندو.
ڏس، آءٌ تو ساڻ آهيان، ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جيڪي توکي چيو اٿم، سو جيسين پورو نہ ڪريان، تيسين توکي ڇڏي ڪين ڏيندس.
۽ يعبيض اسرائيل جي خدا کي سڏي چيو تہ شل تون مون کي سچ پچ برڪت وارو ڪرين، ۽ منهنجي حد وڌائين، ۽ شل تنهنجو هٿ مون سان هجي، ۽ تون مون کي سچ پچ بڇڙائيءَ کان بچائين، تہ مون کي ڏک ڪونہ رسي! ۽ خدا اها سندس دعا قبول ڪئي.
خداوند انهن سڀني کي سنڀالي ٿو جيڪي کيس پيار ٿا ڪن؛ پر سڀني بڇڙن کي برباد ڪري ڇڏيندو.
خداوند پنهنجي ٻانهن جي جان بچائي ٿو: ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن تن مان ڪوبہ ڏوهي نہ ٺهرائبو.
خداوند انهي جي سنڀال ڪندو، ۽ کيس جيئرو رکندو، هو زمين تي مبارڪ ٿيندو؛ تون انهي کي سندس دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏ.
اوهين جيڪي خداوند کي پيار ٿا ڪريو، سي بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو: هو پنهنجي مقدسن جي جان کي سنڀالي ٿو؛ هو انهن کي بڇڙن جي هٿان ڇڏائي ٿو.
سچي کي ڪوبہ نقصان نہ رسندو: پر شرير خرابيءَ سان ڀرجي ويندو.
شل خداوند توکي برڪت ڏئي، ۽ توکي سنڀالي؛
۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ پر بڇڙائيءَ کان بچاءِ، (ڇالاءِ جو بادشاهي، ۽ قدرت، ۽ وڏائي هميشہ تائين تنهنجي ئي آهي، آمين.)
۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي خدا سان پيار ٿا رکن، تن جي لاءِ سڀ شيون گڏجي ڀلائي پيدا ٿيون ڪن، يعني انهن جي لاءِ جي سندس ارادي موجب سڏيا ويا آهن.
خداوند مون کي سڀ ڪنهن خراب ڪم کان ڇڏائيندو، ۽ مون کي پنهنجي آسماني بادشاهت ۾ صحيح سلامت پهچائيندو؛ انهي جو جلال شل هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.