4 ڏسو، اسرائيل جو سنڀاليندڙ نڪي جهوٽو کائيندو نڪي ننڊ ڪندو.
4 هائو، اسان بني اسرائيل جي محافظ کي ننڊ تہ ڇڏيو پر ننڊ جو جھوٽو بہ ناهي ايندو.
۽ ٻن پهرن جو هيئن ٿيو تہ ايلياہ هنن تي ٺٺولي ڪري چيو تہ وڏي آواز سان سڏيوس: ڇالاءِ جو هو تہ معبود آهي؛ يا هو پنهنجي منهن پيو ڳالهائي، يا ڪنهن پاسي ويو آهي، يا ڪنهن سفر ۾ آهي، يا شايد سُتو پيو آهي، ۽ اُنهيءَ کي جاڳائڻ گهرجي.
جيڪڏهن خداوند پاڻ گهر نہ اڏي، تہ اڏيندڙن جي محنت اجائي آهي: جيڪڏهن خداوند پاڻ شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ چوڪيدار جو جاڳڻ اجايو آهي.
خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجيءَ حياتيءَ جو زور آهي؛ آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟
جڏهن ڏاهپ معلوم ڪرڻ لاءِ، ۽ جيڪو ڪم ڪار زمين تي هلي ٿو تنهنجي ڏسڻ لاءِ مون پنهنجي دل لڳائي: (تہ ڪيئن نہ ڏينهن ۽ نہ رات انسان جون اکيون ننڊ ڏسن ٿيون):
آءٌ خداوند انهي جي سنڀال ڪريان ٿو، آءٌ هردم انهي کي پاڻي ڏيندس، آءٌ رات ڏينهن انهي جي سنڀال ڪندس، متان ڪو انهي کي نقصان پهچائي.
تنهنڪري هي خدا جي تخت جي اڳيان آهن؛ ۽ رات ڏينهن سندس پاڪ جاءِ ۾ عبادت پيا ڪن: ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي سو هنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو.