2 خداوند وٽان مون کي مدد ملندي، جنهن آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو.
2 بيشڪ منهنجي مدد خداوند کان ايندي، جنهن زمين ۽ آسمان کي جوڙيو آهي.
خدا شروعات ۾ آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو.
شل خداوند جي برڪت اوهان تي هجي، جو آسمان ۽ زمين جو خالق آهي.
اسان جي مدد خداوند جي نالي ۾ آهي، جنهن آسمان ۽ زمين کي جوڙيو.
خدا اسان جي پناهہ ۽ زور آهي، ۽ مصيبت جي وقت ڏاڍو هڪيو مددگار آهي.
ڇالاءِ جو آءٌ خداوند، تنهنجو خدا، تنهنجو ساڄو هٿ جهلي توکي چوندس تہ ڊڄ نہ؛ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس.
پر خداوند هڪڙي زبردست ۽ خوفناڪ شخص وانگي مون سان آهي: تنهن ڪري مون کي ستائڻ وارا آٿڙندا، ۽ اُهي غالب نہ پوندا: هو تمام گهڻو شرمندا ٿيندا ڇالاءِ جو هنن ڏاهپ جي هلت نہ ڪئي آهي، بلڪ اهڙي خواري ڪئي آهي جا هميشہ تائين هلندي، ۽ ڪڏهن بہ وسري نہ ويندي.
اي اسرائيل، اها تنهنجي تباهي آهي، ڇالاءِ جو تون منهنجي، يعني پنهنجي مددگار جي برخلاف ٿيو آهين.
تنهن ڪري اسين همت رکي چئي ٿا سگهون تہ ”خدا منهنجو مددگار آهي؛ آئون ڪين ڊڄندس؛ ماڻهو مون کي ڇا ڪندو؟“