1 آءٌ پنهنجون اکيون جبلن ڏانهن کڻي نهاريندس: منهنجي مدد ڪٿان ايندي؟
1 آءٌ پنهنجيون اکيون کڻي جبلن ڏانهن نهاريان ٿو، هائو، آءٌ واجھايان ٿو تہ منهنجي مدد الائي ڪٿان ايندي؟
مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ هن مون کي جواب ڏنو.
تون جو آسمانن ۾ ويٺو آهين، تو ڏانهن آءٌ پنهنجون اکيون کڻي ٿو نهاريان.
۽ چوندو تہ مون پنهنجي بادشاهہ کي پاڪ جبل صيون تي ويهاريو آهي.
پر يهوداہ جي قبيلي کي چونڊي، صيون جبل کي پسند ڪيائين.
هن جو بنياد پاڪ جبلن ۾ آهي.
۽ گهڻيون قومون وينديون ۽ چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل ڏانهن، يعني يعقوب جي خدا جي گهر ڏانهن هلون؛ ۽ هو اسان کي پنهنجا رستا سيکاريندو، ۽ اسين انهي جي واٽن تي هلنداسين: ڇالاءِ جو صيون مان شريعت ۽ يروشلم مان خداوند جو ڪلام ظاهر ٿيندو.
سچ آهي تہ ٽڪر تان ۽ جبلن جي گور مان مدد جي اُميد رکڻ اجائي آهي: سچ پچ اسرائيل جو ڇوٽڪارو خداوند اسان جي خدا ۾ آهي.