Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 115:3 - Sindhi Bible

3 اسان جو خدا آسمان ۾ آهي: هن کي جيڪي وڻيو سو سڀ ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جڏهن تہ اسان جو خدا عرش عظيم تي آهي، ۽ هن کي جيڪي وڻي ٿو سو هو ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 115:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند وڏو آهي ۽ تعريف جي لائق آهي: سڀني معبودن کان زيادہ کانئس ڊڄڻ گهرجي.


پر هو هڪڙي خيال جو آهي ۽ ڪير هن کي ڦيرائي سگهندو؟ جيڪي سندس روح ٿو چاهي اهو ئي هو ڪري ٿو.


خداوند پنهنجو تخت آسمان ۾ قائم ڪيو آهي؛ ۽ سندس حڪومت سڀني تي ٿي هلي.


تون جو آسمانن ۾ ويٺو آهين، تو ڏانهن آءٌ پنهنجون اکيون کڻي ٿو نهاريان.


جيڪي خداوند کي وڻيو سو سڀ هن آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ اونهائين ۾ ڪيو آهي.


جو آسمان ۾ ويٺو آهي، سو کلندو: خداوند انهن تي ٺٺوليون ڪندو.


خدا جي حضور ۾ گيت ڳايو، هن جي نالي جي تعريف ڳايو: جو رڻ پٽ مان سواري ڪري ٿو لنگهي تنهن لاءِ سڙڪ تيار ڪريو؛ هن جو نالو يهوواہ آهي؛ اوهين خدا جي حضور ۾ سرها ٿيو.


جو شروع کان پڇاڙيءَ جو احوال ٻڌائي، ۽ قديم زماني ۾ انهن ڳالهين جو بيان ڪري، جي اڃا نہ ٿيون آهن؛ منهنجي مصلحت قائم رهندي، ۽ آءٌ پنهنجا سڀ ارادا پورا ڪندس:


۽ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي مرن سان ٿيندو، تو کي ڍڳن وانگي گاهہ کارايو ويندو، ۽ تو تي ست زمانا گذري ويندا؛ جيستائين تون سمجهين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو.


۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.


تنهنڪري اوهين هن طرح دعا گهرو تہ اي اسان جا بابا، تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ ڪري ڄاڻجي،


تڏهن تون مون کي چوندين تہ پوءِ هو قصوروار ڇو ٿو ٺهرائي؟ ڪير هن جي ارادي جو مقابلو ڪري ٿو سگهي؟


انهي ۾، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي مصلحت موجب سڀ ڪجهہ ٿو ڪري، اسين بہ سندس ارادي موافق اڳيئي مقرر ٿي ميراث ٿياسين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ