5 خداوند اسان جو خدا، جو آسمانن ۾ تخت نشين آهي، تنهن جهڙو ٻيو ڪير آهي،
5 خداوند اسان جي خدا جهڙو ڪو ٻيو آهي ڇا، جيڪو عرش عظيم تي تختنشين آهي؟
خداوند پنهنجو تخت آسمان ۾ قائم ڪيو آهي؛ ۽ سندس حڪومت سڀني تي ٿي هلي.
خداوند پنهنجيءَ پاڪ هيڪل ۾ آهي، خداوند جو تخت آسمان ۾ آهي؛ سندس اکيون ڏسن ٿيون، هن جا ڇپر بني آدم کي آزمائين ٿا.
منهنجون سڀ هڏيون چونديون تہ اي خداوند تو جهڙو ڪير آهي، جو غريب کي زوراور جي هٿن مان، بلڪ غريب ۽ محتاج کي ڦر مار ڪندڙ کان ڇڏائي ٿو؟
ڇالاءِ جو آسمان ۾ اهڙو ڪير آهي جنهن جو خداوند سان مقابلو ڪري سگهبو؟ ۽ فرشتن مان ڪير خداوند جهڙو آهي؟
هو اهڙو خدا آهي جو پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تعظيم جي لائق آهي؛ ۽ جيڪي سندس آس پاس آهن تن سڀني کان هو وڌيڪ هيبتناڪ آهي.
اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اي يهوواہ، تو جهڙو قادر خداوند ڪير آهي؟
سمنڊ جي گجگوڙ تي تنهنجو حڪم ٿو هلي: جڏهن هن جون لهرون چڙهن ٿيون تڏهن تون ئي انهن کي ماٺ ٿو ڪرائين.
اي خداوند معبودن ۾ تو جهڙو ڪوبہ ڪونهي: تو وانگر پاڪيزگيءَ ۾ جلال وارو، صفتن ۾ هيبت وارو، ۽ معجزا ڪندڙ، ٻيو ڪير آهي؟
۽ هڪڙو تخت رحم جي ڪري قائم ڪيو ويندو، ۽ انهيءَ تي دائود جي تنبوءَ مان هڪڙو سچائيءَ سان عدالت لاءِ ويهي انصاف ڪندو ۽ راستبازيءَ تي قائم رهندو.
سو اوهين ڪنهن سان خدا جي مشابهت ڪندا؟ يا ڪنهن سان هن جو مقابلو ڪندا؟
پاڪ خدا فرمائي ٿو تہ اوهين ڪنهن سان منهنجي مشابهت ڪندا جو آءٌ هن جي برابر ٿيان؟
ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.
اي خداوند، تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ تون وڏو آهين، ۽ تنهنجو نالو بہ قدرت جي ڪري وڏو آهي.
اي يسورون، خداوند جهڙو ٻيو ڪونهي، جو تنهنجي مدد جي لاءِ آسمان تي، ۽ پنهنجي جلال جي لاءِ عرش تي سواري ٿو ڪري.