4 خداوند سڀني قومن تي بلند آهي، ۽ سندس جلال آسمانن تي بہ عظيم آهي.
4 خداوند سڀني قومن جو حاڪمِ اعليٰ آهي، انهيءَ جي عظمت آسمانن کان بہ مٿاهين آهي.
پر خدا سچ پچ زمين تي رهندو ڇا؟ ڏس، تون، آسمان ۾، بلڪ آسمانن جي آسمان ۾ ماپي نٿو سگهين؛ تڏهن هيءُ گهر جو مون جوڙيو آهي تنهن ۾ ڀلا ڪيئن ماپي سگهندين!
ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي تعريف ڪن؛ ڇالاءِ جو فقط هن جو ئي نالو سرفراز آهي: هن جو جلال آسمان ۽ زمين کان بہ مٿي عظيم آهي.
اي خداوند، اسان جا رب، تنهنجو نالو ساري زمين تي ڪهڙو نہ سربلند آهي! جنهن پنهنجو جلال آسمان ۾ قائم ڪيو آهي.
ڇو جو اي خداوند تون ساريءَ زمين جو خدا تعاليٰ آهين: ۽ سڀني معبودن کان گهڻو اعليٰ آهين.
خداوند صيون ۾ عظيم آهي؛ هو سڀني قومن کان گهڻو مٿي آهي.
ڏسو، قومون پاڻيءَ جي هڪڙي ڦڙي وانگي آهن، ۽ ساهميءَ جي سنهيءَ مٽي وانگيان شمار ٿيل آهن: ڏسو، هو ٻيٽن کي هڪڙي ذري وانگي ٿو کڻي.
سڀ قومون هن جي اڳيان ڪين جهڙيون آهن؛ اهي هن جي نظر ۾ ڪين کان بہ گهٽ، بلڪ بي بقا آهن.
هي اهو ئي آهي جو زمين جي دائري تي ويٺو آهي، ۽ انهيءَ جا رهاڪو تڏين وانگي آهن؛ هو آسمان کي پردي وانگي تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگي انهن کي پکيڙي ٿو،
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ ۽ ڪهڙي جاءِ منهنجي آرامگاهہ ٿيندي؟