Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 112:9 - Sindhi Bible

9 هن سخاوت سان محتاجن کي ڏنو آهي؛ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم رهندي: هن جو سڱ عزت سان مٿي ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 هو فراخدليءَ سان محتاجن کي ڏين ٿا، ۽ سندن سخاوت هميشہ تائين جاري رهندي. بيشڪ انهن کي قوت ۽ عزت ۾ مٿاهون ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 112:9
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جا ڪم شان ۽ شوڪت وارا آهن ۽ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم آهي.


هن جي گهر ۾ مال ۽ دولت ٿيندي: ۽ سندس سچائي هميشہ تائين قائم رهندي.


آءٌ بڇڙن جا سڀيئي سڱ بہ وڍي ڇڏيندس؛ پر راستبازن جا سڱ بلند ڪيا ويندا.


پر تو منهنجو سڱ سان جي سڱ وانگي مٿي ڪيو آهي: آءٌ تازي تيل سان مسح ٿيو آهيان.


منهنجين اکين منهنجي مرضيءَ موجب دشمنن جو حال ڏٺو آهي، ۽ جيڪي بدڪار منهنجي برخلاف کڙا ٿيا هئا، تن جو حال منهنجيءَ مرضيءَ موجب منهنجن ڪنن ٻڌو آهي.


ڏاهن جي دولت سندن ڇٽ آهي: پر بي عقلن جي بي عقلي رڳي بي عقلي آهي.


جنهن کي مسڪين تي رحم ٿو اچي سو خداوند کي اُڌارو ٿو ڏئي، ۽ انهيءَ جي چڱي ڪم جو بدلو هو کيس پاڻيهي وري ڏيندو.


هڪڙو اهڙو بہ آهي جو سڄو ڏينهن هٻڇ ڪري لالچ رکي ٿو: پر سچو ڏئي ٿو ۽ رکي نٿو ڇڏي.


صبح جو پنهنجو ٻج پوک ۽ شام جو پنهنجو هٿ نہ جهل: ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ ڪهڙو ڪمائتو ٿيندو، هي يا هو، يا اُهي ٻئي هڪ جهڙا چڱا ٿيندا.


ڳولڻ لاءِ وقت، ۽ وڃائڻ لاءِ وقت؛ سانڍي رکڻ لاءِ وقت، ۽ اُڇلائي ڇڏڻ لاءِ وقت؛


پر سخي سخاوت جون رٿون ٿو رٿي؛ ۽ هو سخاوت جا ڪم ڪندو رهندو.


جيڪڏهن تون پنهنجيءَ دل سان بکين ڏانهن رغبت ڪندين، ۽ ڏکويل روح کي آسودو ڪندين؛ تہ تنهنجي روشنائي اوندهہ ۾ چمڪندي، ۽ تنهنجو انڌڪار ٻنپهرن جهڙو ٿيندو:


اهو روزو ناهي ڇا تہ تون پنهنجي ماني بکين کي ڏين، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گهر وٺي اچين؟ ۽ جڏهن ڪو اُگهاڙو ڏسين تہ انهي کي ڪپڙا ڍڪائين؛ ۽ پنهنجي هم جنس کان منهن نہ لڪائين؟


تہ تنهنجون خيراتون ڳجهيون رهن؛ ۽ تنهنجو پيءُ، جو پوشيدگيءَ ۾ ڏسي ٿو، سو توکي اُنهي جو اجر ڏيندو.


ڇالاءِ جو غريب تہ هميشہ ئي اوهان وٽ هوندا، ۽ جڏهن بہ اوهان جي مرضي ٿيندي، تڏهن هنن سان ڀلائي ڪري سگهندا، پر آئون هميشہ اوهان وٽ نہ هوندس.


پر جيڪي اندر جو آهي سو خيرات ڪري ڇڏيو؛ تہ ڏسو، سڀ ڪجهہ اوهان لاءِ پاڪ ٿيندو.


جيڪي اٿوَ سو وڪڻي خيرات ڪريو؛ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جي پراڻيون نہ ٿين؛ يعني اهڙو مال آسمان ۾ ڪَٺو ڪري رکو جو کُٽي ئي نہ، جتي نہ چور ويجهو اچي، نہ ڪينئون خراب ڪري.


۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ ناراستيءَ جي دولت سان پنهنجي لاءِ دوست پيدا ڪري ڇڏيو، تہ جڏهن اُها کٽي وڃي، تڏهن اُهي اوهان کي مدامي مڪانن ۾ قبول ڪن.


۽ جڏهن يسوع هي ٻُڌو، تڏهن چيائينس تہ اڃا تو ۾ هڪڙي گهٽتائي آهي، جيڪي اٿيئي سو سڀ وڪڻي غريبن کي ورهائي ڏي، تہ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: پوءِ اچي منهنجي پٺيان هل.


ڇالاءِ جو ڪن ڀانئيو ٿي تہ يهوداهہ وٽ ڳوٿري رهندي آهي، تنهنڪري يسوع چويس ٿو تہ عيد لاءِ جيڪي شيون اسان کي کپن سي ڳنهہ؛ يا تہ ڪجهہ غريبن کي ڏي.


سڀني ڳالهين بابت مون اوهان کي نمونو ڏيئي ڏيکاريو تہ ڪهڙيءَ طرح محنت ڪري، جيڪي ضعيف آهن تن جي مدد ڪرڻ گهُرجي ۽ خداوند يسوع جو ڪلام ياد رکڻ گهُرجي، جنهن پاڻ چيو، تہ ”وٺڻ کان ڏيڻ مبارڪ آهي.“


۽ آڻي رسولن جي پيرن وٽ رکندا هئا: پوءِ هر ڪنهن کي گهُرج آهر ورهائي ڏيندا هئا.


پاڪ ٿيلن جون احتياجون رفع ڪريو؛ مهمان نوازيءَ جا عادتي ٿيو.


ڇالاءِ جو اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي فضل جي خبر آهي، تہ جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تہ بہ اوهان جي خاطر غريب ٿي ويو، انهي لاءِ تہ اوهين سندس غريبيءَ جي ڪري دولتمند ٿي وڃو.


ڇو جو غريب تہ سدائين ملڪ ۾ هوندا: تنهنڪري آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان تہ تون پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ، ۽ پنهنجي محتاج جي لاءِ، ۽ پنهنجي غريب جي لاءِ، پنهنجي مٺ کليل رکج.


تون انهي کي پنهنجي ڌڻ مان، ۽ پنهنجي اَن جي کري مان، ۽ پنهنجي شراب جي چيچڙي مان، کليءَ دل سان ڏج: خداوند تنهنجي خدا توکي جيتري برڪت ڏني هجي، تنهن موجب تون بہ هن کي ڏج،


پر جڏهن سج لهي تڏهن تون ضرور اها شيءِ هن کي موٽائي ڏج، تہ هو پنهنجو ڪپڙو ڍڪي سمهي، ۽ توکي دعا ڪري: ۽ خداوند تنهنجي خدا جي اڳيان اها تنهنجي لاءِ راستبازي ليکي ويندي.


۽ هو نيڪي ڪن، ۽ چڱن ڪمن ۾ توانگر ٿين، سخاوت ڪرڻ لاءِ تيار رهن ۽ ٻين جي واهر ڪرڻ لاءِ راضي رهن؛


پر نيڪي ڪرڻ ۽ خيرات ڏيڻ متان وساريو: ڇالاءِ جو اهڙين قربانين ڪري خدا خوش ٿو ٿئي.


ڇالاءِ جو خدا اهڙو بي انصاف ناهي جو اوهان جو اُهو پورهيو، ۽ اوهان جي اُها محبت وساري ڇڏي، جا اوهان سندس نالي تي اهڙيءَ طرح ڏيکاري، جو پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين پيا ڪريو.


جيڪو ناراست آهي سو ڀلي ناراستي پيو ڪري؛ ۽ جيڪو ڪميڻو آهي سو ڀلي ڪميڻو رهي؛ ۽ جيڪو راستباز آهي، سو ڀلي راستبازي پيو ڪري: جيڪو پاڪ آهي سو ڀلي پاڪ ٿيندو وڃي.


۽ حنہ دعا گهري، ۽ چيائين: تہ منهنجي دل خداوند ۾ نهايت خوش آهي، منهنجو سڱ خداوند ۾ مٿي ڪيل آهي: منهنجو وات منهنجن دشمنن تي ڪشادو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي ڇوٽڪاري ۾ خوش آهيان.


تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ مون برابر ائين چيو هو تہ تنهنجو گهراڻو، ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو هميشہ منهنجي اڳيان هلي: پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي مون کي عزت ڏين ٿا، تن کي آءٌ عزت ڏيندس، ۽ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا، سي بي آبرو ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ