6 بڇڙن تي هو ڦندا وسائيندو؛ باهہ ۽ گندرف ۽ جهولو انهن جي پيالي جو حصو ٿيندو.
6 هو بڇڙن ماڻهن تي ٻرندڙ ٽانڊا ۽ گندرف وسائيندو، ۽ جھولي جي گرم هوا سندن مقدر بڻبي.
پوءِ خداوند سدوم ۽ عمورہ تي آسمان مان خداوند وٽان گندرف ۽ باهہ وسائي؛
۽ هن پاڻ وٽان رڪابيون کڻي، هنن ڏانهن موڪليون: پر بنيمين جي رڪابي ۾ هرهڪ جي رڪابيءَ کان پنجوڻو حصو وڌيڪ هو. ۽ هنن ساڻس گڏ پيتو ۽ خوش ٿيا.
هڪڙي ڦاهي هن جي لاءِ زمين ۾ لڪي پيئي آهي، ۽ هڪڙو ڪوڙڪو هن جي رستي ۾ رکيل آهي.
هن جي تنبوءَ ۾ ڌاريا اچي رهندا: ۽ گندرفي باهہ هن جي جاءِ جي مٿان پکيڙي ويندي.
جڏهن هو پنهنجي پيٽ ڀرڻ تي هوندو، تڏهن خدا پنهنجو خوفناڪ غضب هن تي اُڇلائي وجهندو، ۽ اڃا ويٺو کائيندو تہ مٿانئس اهو مينهن وانگر وسائيندو.
هن انهن تي مينهن جي بدران ڳڙا وسايا، ۽ سندن زمين مان باهہ جا ڀڙڪا نڪتا.
خداوند منهنجي ميراث ۽ منهنجي پيالي جو حصو آهي؛ تون ئي منهنجي حصي جو نگهبان آهين.
خداوند آسمان مان گجگار ڪئي، ۽ خدا تعاليٰ پنهنجو آواز ڪڍيو، تہ ڳڙا ۽ ٽانڊا وسيا.
بڇڙي ماڻهوءَ تي گهڻيئي مصيبتون اينديون: پر جنهن جو ڀروسو خداوند تي آهي تنهن کي رحمت چوڌاري گهيري ويندي.
ڇالاءِ جو خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو پيالو آهي، جنهن ۾ ڳاڙهو شراب آهي، اُهو گڏيل شراب آهي: هو اُنهيءَ مان اوتي ٿو ڪڍي؛ ۽ زمين جا سڀيئي بڇڙا ماڻهو انهي جي تري جو نچوڙ پيئندا.
اي يروشلم، جاڳ، جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، تو خداوند جي هٿان سندس ڪاوڙ جو پيالو پيتو آهي؛ تو سخت نشو ڏيندڙ پيالو پي خالي ڪيو آهي.
خداوند، تنهنجو مالڪ ۽ تنهنجو خدا، جو پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ حجت دليل ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ڏس، مون تنهنجي هٿ مان سخت نشي جو پيالو، يعني منهنجيءَ ڪاوڙ جو وڏو پيالو ورتو آهي؛ تون وري اهو نہ پيئندينءَ.
خداوند ٿو فرمائي تہ اهو آهي تنهنجو حصو، تنهنجو ورثو، جو مون ماپي توکي ڏنو آهي؛ ڇالاءِ جو تو مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ ڪوڙ تي ڀروسو رکيو اٿيئي.
تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ ۾ انهي کي طوفان جهڙي واچ سان ڀڃي ڇڏيندس؛ ۽ منهنجي غصي ۾ هڪڙي تمام زور واري برسات ايندي، ۽ وڏا غضب جا ڳڙا انهي کي چٽ ڪري ڇڏيندا.
۽ آءٌ مري ۽ خونريزيءَ سان هن کي سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ هن تي قهر جو مينهن وسائيندس، ۽ هن جي ٽولين تي، ۽ جيڪي گهڻيون قومون ساڻس هيون تن تي سخت وسڪارا، ۽ وڏا ڳڙا، ۽ باهہ، ۽ گندڪ وسائيندس.
تون وڏائيءَ جي بدلي شرم سان ڀريل آهين: تون بہ پي اڻ طهريل جهڙو ٿيءُ: خداوند جي ساڄي هٿ وارو پيالو تو ڏي ڦيرايو ويندو، ۽ تنهنجي وڏائي ڦري خراب خواري ٿي پوندي.
پر جڏهن لوط سدوم مان نڪري ٻاهر ٿيو، تنهن وقت آسمان مان باهہ ۽ گندرف جو مينهن اچي وسيو، ۽ اُنهن سڀني کي چٽ ڪري ڇڏيائين.
تڏهن يسوع پطرس کي چيو، تہ ترار ورائي کپ ۾ وجهہ: پيالو جو پيءُ مون کي ڏنو آهي، سو آئون نہ پيان ڇا؟
۽ جڏهن القانہ جي قرباني چاڙهڻ جو ڏينهن ايندو هو تڏهن هو پنهنجي زال فننہ کي، ۽ پنهنجن سڀني پٽن، ۽ ڌيئن کي، حصا ڏيندو هو:
۽ سموئيل بورچيءَ کي چيو، تہ جيڪو حصو مون توکي ڏنو هو، ۽ جنهن جي بابت مون توکي چيو هو تہ پاڻ وٽ رکي ڇڏ، سو کڻي اچ.