Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 11:4 - Sindhi Bible

4 خداوند پنهنجيءَ پاڪ هيڪل ۾ آهي، خداوند جو تخت آسمان ۾ آهي؛ سندس اکيون ڏسن ٿيون، هن جا ڇپر بني آدم کي آزمائين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ياد رکو، خداوند، جنهن جو تخت عرش عظيم تي آهي، سو پنهنجي مقدس هيڪل ۾ رهي ٿو. سندس نگاهہ بني آدم تي آهي، سو اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو هو ڏسي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 11:4
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اسرائيل کي مٿي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آءٌ ڪنهن گهر ۾ نہ پئي رهيو آهيان؛ پر هڪڙي تنبوءَ مان ٻئي تنبوءَ ۾، ۽ هڪڙي شامياني مان ٻئي ۾ پئي رهيو آهيان.


ڇالاءِ جو خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ڊوڙن، انهيءَ لاءِ تہ جن جي دل هن ڏانهن سالم آهي، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. هن ۾ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ توکي جنگيون ڪرڻيون پونديون.


خدا انهن کي ايترو ڏئي ٿو جو هو صحيح سلامت رهن ٿا، ۽ انهن تي ڀروسو رکن ٿا؛ ۽ هن جون اکيون هنن جي راهن تي آهن.


خداوند پنهنجو تخت آسمان ۾ قائم ڪيو آهي؛ ۽ سندس حڪومت سڀني تي ٿي هلي.


خداوند اسان جو خدا، جو آسمانن ۾ تخت نشين آهي، تنهن جهڙو ٻيو ڪير آهي،


اي خدا مون کي چڪاس ۽ منهنجي دل کي ڄاڻ: مون کي آزماءِ ۽ منهنجا خيال پروڙ:


خداوند آسمان مان بني آدم تي نگاهہ ڪئي، تہ ڏسي تہ ڪو سمجهو ماڻهو آهي جو خدا جو طالب هجي.


مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ پنهنجي خدا کان دعا گهريم: هن منهنجو آواز پنهنجيءَ هيڪل مان ٻڌو، ۽ منهنجون دانهون هن جي حضور ۾ سندس ڪنن تائين پهتيون.


جو آسمان ۾ ويٺو آهي، سو کلندو: خداوند انهن تي ٺٺوليون ڪندو.


خداوند آسمان مان ڏسي ٿو؛ هو بني آدم تي نظر ٿو رکي.


تہ خدا انهيءَ جو حساب نہ وٺندو ڇا؟ ڇالاءِ جو هو دلين جا ڳجهہ ڄاڻي ٿو.


هو پنهنجيءَ قدرت سان هميشہ جي لاءِ حڪمراني ٿو ڪري: هن جون اکيون قومن کي ڏسن ٿيون: فسادي پاڻ کي نہ پڏائين.


خداوند جي تعريف ڳايو، جو صيون ۾ ٿو رهي؛ ۽ ماڻهن ۾ سندس ڪمن جو بيان ڪريو.


خداوند جون اکيون سڀ ڪنهن هنڌ آهن، ۽ بڇڙن توڙي چڱن تي نظر ٿيون رکن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ ۽ ڪهڙي جاءِ منهنجي آرامگاهہ ٿيندي؟


آءٌ خداوند دلين کي ٿو چڪاسيان، ۽ گردن جي آزمائش ٿو وٺان، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال موجب، ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪو پاڻ کي ڳجهين جاين ۾ اهڙو لڪائي سگهندو ڇا جو آءٌ ڏسي نہ سگهانس؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ آسمان ۽ زمين ڀري نہ بيٺو آهيان ڇا؟


اي قومون، اوهين سڀ ٻڌو: اي زمين ۽ جيڪي اُن ۾ آهي سي ٻڌو، ۽ خداوند، هائو خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل مان ڀلي تہ اوهان تي شاهدي ڏئي.


پر خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل ۾ آهي، ۽ سڄي زمين هن جي اڳيان خاموش رهي.


اي سڀ ساهہ وارا، خداوند جي اڳيان ماٺ ۾ رهو. ڇالاءِ جو هو پنهنجي پاڪ مڪان مان اُٿيو آهي.


۽ جيڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي سو انهيءَ جو، ۽ جيڪو انهيءَ ۾ رهي ٿو تنهن جو قسم ٿو کڻي.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ؛ نڪي آسمان جو قسم کڻو، ڇالاءِ جو اُهو خدا جو تخت آهي؛


”خداوند فرمايو تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ يا منهنجي آرام جي جاءِ ڪٿي آهي؟


۽ جيڪو معبود ٿو سڏجي، يا جنهن جي پرستش ٿي ٿئي، تنهن کان هو پاڻ کي وڏو ٿو ڄاڻي، ۽ مخالفت ٿو ڪري؛ ايتري قدر جو هو خدا جي هيڪل ۾ ويهي پاڻ کي خدا ٿو سڏائي.


اهڙي ڪابہ مخلوق ڪانهي جا هن کان ڳجهي آهي؛ بلڪ جنهن سان اسان جو واسطو آهي، انهي جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


اُنهي دم آئون روح ۾ اچي ويس؛ ۽ ڏسو، آسمان ۾ هڪڙو تخت رکيل هو، ۽ انهي تخت تي هڪڙو شخص ويٺو هو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ