3 جيڪڏهن بنياد ڊهي پوندو، تہ پوءِ سچار ڇا ڪندو؟
3 جيڪڏهن قاعدن ۽ اصولن کي ئي ڊاهي پٽ ڪيو ويندو، تہ پوءِ سچار ڇا ڪري سگھندو؟“
تنهن هوندي بہ سچار پنهنجي راهہ تي قائم رهندو، ۽ راستباز وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويندو.
زمين ۽ انهيءَ جا سڀ رهاڪو ڳري ويا آهن: مون انهيءَ جي ٿنڀن کي قائم ڪيو اهي.
هو نہ ڪجهہ ڄاڻن ٿا ۽ نہ سمجهن ٿا؛ ۽ اونداهيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيا گهمن: زمين جون سڀ پيڙهيون پيون ڌڏن.
۽ جيڪي تنهنجي نسل مان ٿيندا سي جهونيون ويران جايون وري جوڙيندا: تون گهڻين پيڙهين جي بنياد تي اڏاوت ڪندين؛ ۽ تون ڊٺلن جي مرمت ڪندڙ ۽ رهڻ لاءِ واٽن جو سنواريندڙ سڏبين.
تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“