Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 11:1 - Sindhi Bible

1 منهنجو ڀروسو خداوند تي آهي، اوهين منهنجيءَ جان کي ڪيئن ٿا چئو تہ پکيءَ وانگي پنهنجي جبل ڏانهن اُڏامي وڃ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 آءٌ خداوند جي پناهہ ۾ آهيان، پوءِ اوهين مون کي هيئن ڇو ٿا چئو تہ ”تون پکيءَ وانگر جبل تي اڏامي وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 11:1
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آسا خداوند پنهنجي خدا کي دعا ڪري چيو تہ، اي خداوند تو کانسواءِ طاقت واري ۽ بي طاقت جي وچ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪونهي: اي خداوند اسان جا خدا، اسان جي مدد ڪر، ڇالاءِ جو اسان جو ڀروسو توتي آهي، ۽ تنهنجي ئي نالي تي اسين هن وڏي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار آهيون. اي خداوند، تون اسان جو خدا آهين؛ ائين نہ ڪر تہ انسان توتي غالب پوي.


ڪوشي ۽ لوبي بيشمار گاڏين ۽ گهوڙي سوارن سميت تمام وڏو لشڪر نہ هو ڇا؟ انهيءَ هوندي بہ تو جڏهن خداوند تي ڀروسو رکيو، تڏهن هن اهي تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا.


۽ مون چيو تہ مون جهڙي ماڻهوءَ کي ڪو ڀڄڻ گهرجي؟ ۽ ٻيو ڪير آهي جو مون جهڙو هجي، ۽ پنهنجو ساهہ بچائڻ لاءِ هيڪل ۾ وڃڻ گهري؟ آءٌ انهيءَ ۾ ڪين ويندس.


اي خدا، مون کي سنڀال ڇو جو آءٌ توتي ئي ڀروسو ٿو رکان.


اي منهنجا خدا، آءٌ توتي ڀروسو ٿو رکان، مونکي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ۽ منهنجا دشمن مون تي فتحياب نہ ٿين.


پر اي خداوند مون توتي ڀروسو رکيو: ۽ چيم تہ تون ئي منهنجو خدا آهين.


مون پنهنجو ڀروسو خدا تي رکيو آهي آءٌ اصل ڪين ڊڄندس؛ انسان مون کي ڇا ڪري سگهندو؟


اي خداوند، منهنجا خدا، منهنجو ڀروسو تو تي آهي: جيڪي منهنجي پٺيان پيا آهن تن سڀني کان مون کي بچاءِ ۽ ڇڏاءِ.


ائين نہ ٿئي تہ جڏهن ڪو بچائڻ وارو نہ هجي، تڏهن هو شينهن وانگي مونکي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري.


جن کي تنهنجي نالي جي خبر آهي سي توتي ڀروسو رکندا؛ ڇو جو اي خداوند، جيڪي توکي ڳولين ٿا، تن کي ٿو ڇڏي ڪين ڏنو آهي.


پاڻ کي ائين ڇڏاءِ جيئن ڪا هرڻي پاڻ کي شڪاريءَ جي هٿان ڇڏائي، ۽ جيئن ڪو پکي ماريءَ جي هٿان.


اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ اسين بهادر مرد ۽ جنگ جي لاءِ پهلوان آهيون؟


اوڏيءَ مهل ڪي فريسي اچي کيس چوڻ لڳا، تہ هتان نڪري هليو وڃ؛ ڇالاءِ جو هيروديس جي ڏاڍي مرضي آهي تہ توکي ماري ڇڏي.


۽ سائول دائود جي گهر قاصد موڪليا تہ انهي جي جاچ ڪن، ۽ صبح جو انهي کي ماري وجهن: ۽ دائود جي زال ميڪل کيس چيو تہ جي اڄ رات تون پنهنجي جان نہ بچائيندين، تہ سڀاڻي تون قتل ٿيندين.


۽ يونتن ڇوڪر کي وڏي سڏ چيو تہ جلدي ڪر، تڪڙو ٿي ترس نہ. ۽ يونتن جو ڇوڪر تير گڏ ڪري پنهنجي ڌڻيءَ وٽ هليو آيو.


پوءِ دائود اُتان موآب جي مصفاہ ڏي ويو: ۽ موآب جي بادشاهہ کي چيائين تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي موڪل ڏي تہ نڪري اچي تو وٽ رهن، جيسين ڪ مون کي خبر پوي تہ خدا منهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري.


۽ دائود بيابان ۾ مضبوط قلعن ۾ رهڻ لڳو ۽ زيف جي بيابان واري ڪوهستان ۾ رهي پيو. ۽ سائول ڏهاڙي هن جي ڳولا پئي ڪئي، پر خدا کيس سندس هٿن ۾ نہ ڏنو.


۽ دائود پنهنجي دل ۾ چيو تہ هاڻي هڪڙي ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس: منهنجي لاءِ انهي کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ڀڄي فلستين جي ملڪ ۾ وڃان؛ ۽ سائول مون کان نااُميد ٿي وري مون کي اسرائيل جي ڪنهن بہ سرحد ۾ نہ ڳوليندو: انهيءَ طرح آءٌ سندس هٿان ڇٽي پوندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ