Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 109:3 - Sindhi Bible

3 اهي عداوت جي ڳالهين سان مون کي ويڙهي ويا آهن، ۽ بي سبب مون سان وڙهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سندن عداوت وارين ڳالهين مون کي وڪوڙي ڇڏيو آهي. هو بنا ڪنهن سبب جي منهنجي گلا ڪندا ٿا وتن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 109:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن ابي سلوم قربانيون پئي چاڙهيون تڏهن هن دائود جي صلاحڪار اخيتفل جلونيءَ کي سندس شهر مان، يعني جلوہ مان گهرايو. ۽ منصوبو وڌندو ويو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جو تعداد ابي سلوم وٽ وڌندو ويو.


انهن اسان کي قدم قدم تي اچي گهيريو آهي: ۽ اسان کي زمين تي ڪيرائڻ لاءِ پنهنجون اکيون لڳايون اٿن.


گهڻن ڏاندن مونکي گهيريو آهي: ۽ بسن جا زوراور ڏاند منهنجي چوڌاري ڦري آيا آهن.


ائين نہ ٿئي تہ جيڪي ناحق منهنجا دشمن آهن سي مون تي خوش ٿين: ۽ جيڪي بي سبب مون سان نفرت ٿا رکن سي مون تي اکيون ڀڃن.


ڇو جو اهي صلح جون ڳالهيون نٿا ڪن: پر جيڪي ملڪ ۾ صلح پسند آهن تن تي ٺڳيءَ جون رٿون ٿا رٿين.


ڇالاءِ جو اُنهن بي سبب مون لاءِ کڏ ۾ ڄار لڪايو آهي، ۽ بنا سبب منهنجيءَ جان جي لاءِ کڏ کوٽي اٿن.


جيڪي بنا سبب مون سان دشمن ٿا رکن سي منهنجي مٿي جي وارن کان بہ گهڻا آهن: جيڪي ناحق مون سان دشمني ڪري مون کي تباهہ ڪرڻ ٿا گهرن سي زوراور آهن: انهي ڪري جيڪي مون کسيو ڪونہ هو، سو مون ڀري ڏنو.


اهي سڄو ڏينهن مون کي ٻوڏ وانگي اچيو گهيرين؛ ۽ اهي گڏجي مون کي ورائي ويا آهن.


افرائيم ڪوڙ سان مون کي گهيري ويو آهي، ۽ اسرائيل جو گهراڻو ٺڳيءَ سان: پر يهوداہ اڃا بہ خدا سان حڪمران آهي، ۽ پاڪ خدا سان سچو آهي.


تڏهن هن چيو تہ ڇالاءِ منهنجو ڌڻي پنهنجي ٻانهي جي پٺيان ٿو پوي؟ مون ڇا ڪيو آهي؟ يا منهنجي هٿ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ