2 اي منهنجا تنبورا ۽ بربط اوهين جاڳو آءٌ پاڻ سويرو اُٿندس.
2 ۽ پنهنجي سارنگي ۽ دنبوري کي بہ جاڳائيندس. هائو، آءٌ پرهہ ڦٽيءَ جو اُٿي گيت ڳائيندس.
اي خداوند جي ساري خلقت، هن جي بادشاهت ۾ سڀ ڪنهن هنڌ کيس مبارڪ چئُہ: اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ.
بربط سان خداوند جو شڪر ڪريو: ڏهن تارن جي تنبوري تي هن جي تعريف ڳايو.
اي منهنجي جان جاڳ؛ منهنجا تنبورا ۽ بربط اوهين جاڳو: آءٌ پاڻ سويرو اُٿندس.
آءٌ خدا جي نالي جو گيت ڳائي سندس تعريف ڪندس، ۽ شڪرگذاريءَ سان هن جي تمجيد ڪندس.
زبور ڳايو ۽ دف آڻيو، خوش آواز بربط ۽ ساز وڄايو.
جاڳ جاڳ، اي دبورہ جاڳ، ۽ ڪو راڳ ڳاءِ: اُٿ، اي برق، اي ابي نوعم جا پٽ، اُٿ، ۽ پنهنجي قيدين کي قيد ڪر.