Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 103:4 - Sindhi Bible

4 هو تنهنجيءَ حياتيءَ کي برباديءَ کان ٿو ڇڏائي؛ هو توکي ٻاجهہ ۽ رحم جو ڇٽ ٿو ڍڪائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هو ئي مون کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچائي ٿو. هو ئي مون کي دائمي شفقت ۽ رحمت جو تاج پارائي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 103:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اهو فرشتو جنهن مون کي سڀني بڇڙاين کان بچايو آهي، سو شل هنن ڇوڪرن کي برڪت ڏئي، ۽ شل هي منهنجي، ۽ منهنجي ابي ڏاڏي ابرهام، ۽ اضحاق، جي نالي سڏجن؛ شل هو ڌرتيءَ جي وچ ۾ وڌي راڄ ٿين.


جيترو اُڀرندو الهندي کان پري آهي، اوترو ئي هن اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪيا آهن.


تون هن کي چڱائيءَ جون برڪتون ڏيئي هن جي اڳيان اچي ٿو رسين: ۽ تون هن جي مٿي تي نج سون جو تاج ٿو رکين.


خداوند پنهنجي ٻانهن جي جان بچائي ٿو: ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن تن مان ڪوبہ ڏوهي نہ ٺهرائبو.


ڇو جو تون راستباز کي برڪت ڏيندين؛ اي خداوند، تون هن کي ڍال وانگي مهربانيءَ سان ڍڪي ڇڏيندين.


ڇو جو تو منهنجيءَ جان کي موت کان ڇڏايو آهي: تو منهنجن پيرن کي ترڪڻ کان بچايو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خدا جي حضور ۾ زندگيءَ جي نور ۾ هلان.


تون سڄي سال تي پنهنجيءَ مهربانيءَ جو ڇٽ ٿو رکين؛ ۽ تنهنجن واٽن ۾ سڻڀ ٿو وسي.


جنهن مهل آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس تنهن مهل منهنجا چپ ڏاڍا خوش ٿيندا، ۽ منهنجي جان جنهن کي تو ڇڏايو آهي سا بہ خوشي ڪندي.


ڇالاءِ جو تو هن کي خدا کان ٿورو ئي گهٽ بنايو آهي، ۽ کيس جلال ۽ عزت جو تاج پهرايو اٿيئي.


ڏس، منهنجي سلامتيءَ جي لاءِ مون ايتري تڪليف سٺي: پر منهنجي روح سان محبت هئڻ جي ڪري، تو انهيءَ کي خرابيءَ جي کڏ کان ڇڏايو آهي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجا سڀ گناهہ پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيا آهن.


خداوند تنهنجو ڇڏائيندڙ فرمائي ٿو، تہ تمام گهڻيءَ ڪاوڙ ۾ مون هڪ لحظي واسطي پنهنجو منهن تو کان لڪايو؛ پر هميشہ واري مهربانيءَ سان آءٌ توتي رحم ڪندس،


مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جنهن تي آزمائش ٿي اچي تہ بہ قائم ٿو رهي؛ ڇالاءِ جو جڏهن هو قبول پوندو، تڏهن زندگيءَ جو اهو تاج حاصل ڪندو، جنهن جو خداوند پنهنجي محبت ڪرڻ وارن کي واعدو ڏنو آهي.


۽ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي جلال جو اهڙو ڇَٽ ملندو، جو ڪومائجڻ جو ناهي.


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ