2 اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ، ۽ هن جي ڪابہ نعمت نہ وسار.
2 آءٌ پنهنجي دل سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، آءٌ هن جي ڪنهن بہ احسان کي نہ ٿو وساريان.
پر حزقياہ جيڪو فائدو کيس رسايو ويو هو، تنهن موجب ڪجهہ بہ ڪين ڪيو؛ ڇالاءِ جو هن جي دل مغرور ٿي تنهنڪري ان تي، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم تي، غضب نازل ٿيو.
هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن سي ياد ڪريو: سندس معجزن ۽ وات جي فيصلن کي ياد رکو.
۽ پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيائون، جنهن مصر ۾ وڏا وڏا ڪم ڪيا؛
اسان جي ابن ڏاڏن مصر جي ملڪ ۾ تنهنجي عجيب ڪمن کي ڪين سمجهيو؛ انهن تنهنجي بيحد رحمتن کي ياد نہ ڪيو؛ پر سمنڊ وٽ، يعني ڳاڙهي سمنڊ وٽ، فساد ڪيائون.
خداوند مون کي جيڪي نعمتون ڏنيون آهن تن جي عيوض آءٌ هن کي ڇا ڏيان؟
هي ڪير آهي جو ادوم کان ٿو اچي، ۽ قرمزي ڪپڙا پائي بصراہ کان ٿو اچي؟ اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جو ڏاڍي زور سان ٿو هلي؟ اهو آءٌ آهيان، جو راستبازيءَ سان ٿو ڳالهايان، ۽ بچائڻ لاءِ قادر آهيان.
آءٌ خداوند جي پيار ڀري مهربانيءَ جو، ۽ خداوند جي تعريف جو، انهن سڀني نعمتن موجب ذڪر ڪندس، جي اسان کي عطا ڪيون اٿس؛ ۽ اسرائيل جي گهراڻي سان پنهنجن رحمتن، ۽ بي انداز پيار ڀريءَ مهربانيءَ موجب جيڪا ڀلائي ڪئي اٿس.
جنهن ٽڪر توکي پيدا ڪيو، تنهن جي توکي يادگيري ڪانهي، جنهن توکي خلقيو، تنهن کي تو وساري ڇڏيو آهي.
اڙي بي عقل ۽ نادان قوم، اوهين خداوند کي اهو عيوضو ٿا ڏيو ڇا؟ هو اوهان جو ابو ناهي ڇا جنهن اوهان کي خريد ڪيو آهي؟ هن توکي جوڙيو، ۽ قائم ڪيائين.
تڏهن خبردار ٿج، متان خداوند کي وساري ڇڏين، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو.
اوهين خداوند کي سڳورو ڄاڻو، جو پيشوائن اسرائيل ۾ پيشوائي ڪئي؛ ۽ ماڻهو خوشيءَ سان اچي حاضر ٿيا.
منهنجي دل اسرائيل جي حاڪمن جي پاسي آهي، جن ماڻهن منجهان پاڻ کي خوشيءَ سان آڻي حاضر ڪيو: اوهين خدا کي سڳورو ڄاڻو.