Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 101:4 - Sindhi Bible

4 ڏنگي دل مون کان پري رهندي، آءٌ ڪنهن بڇڙائيءَ سان واقفيت نہ رکندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 آءٌ ڪنهن سان ٺڳي نہ ڪندس، نڪي برائيءَ جي ڪنهن بہ ڪم کي ويجھو ويندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 101:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي بدڪارو، مون کان پري ٿيو؛ تہ آءٌ پنهنجي خدا جي حڪمن کي مڃيندو رهان.


آءٌ بيهودن ماڻهن سان نہ ويٺو آهيان؛ نڪي ڪوڙ ڪندڙن سان گڏ ڪيڏانهن ويندس.


مون کي بدڪارن جي جماعت کان نفرت آهي، ۽ بڇڙن سان گڏ ڪين ويهندس.


اي سڀ بدڪارو مون کان پري ٿيو؛ ڇو جو خداوند منهنجي روئڻ جو آواز ٻڌو آهي.


جيڪي ڏنگيءَ دل وارا آهن تن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: پر جيڪي ڪامل رستي وارا آهن، تن مان هو خوش ٿو ٿئي.


جنهن کي ڪاوڙجڻ جي عادت آهي تنهن سان دوستي نہ رک؛ ڪاوڙ واري ماڻهوءَ سان گڏ نہ گهم:


بي انصاف ماڻهو سچي جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي، ۽ جيڪو سنئين سڌي رستي تي آهي سو وري شريرن جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي.


ڇالاءِ جو ڏنگي ماڻهوءَ کان خدا کي نفرت ٿي اچي: پر انهيءَ جو ڳجهہ سچن وٽ آهي.


خدا جو خوف بديءَ کي ڌڪارڻ ۾ آهي: مغروريءَ، هٺ، ۽ بڇڙي واٽ، ۽ بيهودي وات کي آءٌ ڌڪاريان ٿي.


بي عقلي ڇڏي ڏيو ۽ جيئندا رهو؛ ۽ سمجهہ جي رستي تي هلو.


تڏهن آئون کين صاف چوندس تہ مون اوهان کي ڪڏهن بہ نہ سڃاتو: اي بدڪارو، مون وٽان ٽري وڃو.


پر مون کي هڪڙيءَ ٽوڪريءَ ۾ ويهاري هڪڙيءَ دريءَ مان ڀت تان لاهي ڇڏيائون، ۽ آئون هن جي هٿان بچي نڪتس.


تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ