1 آءٌ رحم ۽ انصاف جو گيت ڳائيندس: اي خداوند آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس.
1 آءٌ تنهنجي لافاني شفقت ۽ انصاف جا گيت ڳائيندس. اي خداوند! آءٌ تنهنجي ئي واکاڻ پيو ڪندس.
آءٌ هميشہ خداوند جي رحمتن جا گيت ڳائيندس: ۽ سڀني پيڙهين ۾ منهنجو وات تنهنجي وفاداري ظاهر ڪندو.
اُهي تنهنجي وڏي ڀلائيءَ جي يادگيري ڪندا، ۽ تنهنجي راستبازيءَ جا گيت ڳائيندا؛
اي خدا، منهنجيءَ نجات جا خدا مون کي خون جي گناهہ کان ڇڏاءِ، تہ منهنجي زبان تنهنجيءَ سچائيءَ جو گيت ڳائيندي.
اي خداوند، صيون اهو ٻڌي سرهو ٿيو، ۽ يهوداہ جون ڌيئرون تنهنجن فيصلن جي ڪري خوشيون ڪرڻ لڳيون.
تڏهن تون خدا جي مهرباني ۽ سختي ڏس: سختي اُنهن تي جي ڪِري پيا، پر خدا جي مهرباني تو تي، بشرطيڪ تون سندس مهربانيءَ تي قائم رهندين: نہ تہ تون بہ وڍجي ويندين.
صبح جو تنهنجي ٻاجهہ جو، ۽ ڏهاڙي رات جو تنهنجي وفاداريءَ جو بيان ڪرڻ،
اي انسان، هن توکي ڏيکاريو آهي تہ چڱائي ڇا آهي؛ ۽ خداوند توکان ٻيو ڇا ٿو گهري، انهي کان سواءِ تہ تون انصاف ڪرين، رحم کي پيار ڪرين، ۽ پنهنجي خدا سان نماڻو ٿي هلين؟