2 خوشيءَ سان خداوند جي عبادت ڪريو: ۽ گيت ڳائيندا سندس حضور ۾ اچو.
2 اوهين گيت ڳائيندي خداوند جي حضور ۾ حاضر ٿيو، ۽ خوشيءَ سان سندس عبادت ڪريو.
۽ اٺين ڏينهن هن ماڻهن کي موڪلي ڏنو، ۽ اُهي بادشاهہ کي دعائون ڪندا پنهنجن پنهنجن تنبن ڏانهن ويا، ۽ جيڪا ڀلائي خداوند پنهنجي ٻانهي دائود، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل کي ڏيکاري هئي، تنهن جي ڪري هو دل ۾ خوش ۽ سرها هئا.
تنهن کانسواءِ حزقياہ بادشاهہ ۽ اميرن، لاوين کي حڪم ڏنو تہ دائود جي، ۽ آسف غيب دان جي، لفظن ۾ خدا جي تعريف جا راڳ ڳائين. ۽ هنن خوشيءَ سان راڳ ڳايا ۽ هنن پنهنجا سر جهڪايا ۽ سجدو ڪيائون.
۽ حزقياہ ڪاهنن ۽ لاوين جا واري موجب سندن حصا مقرر ڪيا، جنهنڪري ڪاهنن توڙي لاوين مان هر ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي خدمت موجب سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهڻيون هيون، ۽ خدمت ڪرڻي هئي، ۽ شڪرگذاري ڪرڻي هئي، ۽ خداوند جي منزلگاهہ جي درن وٽ تعريف ڪرڻي هئي.
جڏهن آءٌ اهي ڳالهيون ياد ٿو ڪريان، تہ ڪيئن جماعت خوشيءَ ۽ تعريف جي آواز سان وڏو ڏينهن ٿي ملهايو، جنهن جماعت سان گڏجي آءٌ خدا جي گهر ۾ ويندو هوس، تڏهن منهنجي جان فڪرمند ٿي ٿئي.
جنهن مهل آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس تنهن مهل منهنجا چپ ڏاڍا خوش ٿيندا، ۽ منهنجي جان جنهن کي تو ڇڏايو آهي سا بہ خوشي ڪندي.
شڪرگذاري ڪري سندس حضور ۾ حاضر ٿيون، ۽ گيت ڳائي سندس حضور ۾ خوشيءَ جو آواز ڪريون.
۽ اوهين، ۽ اوهان جا پٽ، ۽ اوهان جون ڌيون، ۽ اوهان جا غلام، ۽ اوهان جون ٻانهيون، ۽ لاوي، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ ملڻ ڪري، اوهان جي گهرن ۾ رهندا هجن، سي سڀ گڏجي خوشيون ڪجو.
۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي جو تنهنجي ڳوٺ ۾ هجي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.
۽ تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خوشيءَ سان عيد ملهائجو.
ڇالاءِ جو تو سڀني شين جي گهڻائيءَ هوندي بہ، خوشيءَ ۽ خوشدليءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت نہ ڪئي.
هميشہ خداوند ۾ خوش رهو، وري بہ ٿو چوان تہ خوش رهو.