۽ جڏهن هو زيتونن جي ٽڪر جي لاهيءَ جي ويجهو ويو، تڏهن شاگردن جي سڄي جماعت، جيڪي معجزا ڏٺا هئائون، تن سڀني جي ڪري خوشيءَ ۾ ڀرجي، وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳي تہ،
اي قومون، اوهين سندس اُمت سان خوشيون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو پنهنجن ٻانهن جي خون جو وير وٺندو، ۽ جيڪي هن جي مخالفت ٿا ڪن، تن کي بدلو ڏيندو؛ ۽ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪندو.