Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 10:8 - Sindhi Bible

8 هو ڳوٺ جي ڳجهين جاين ۾ ويهي ٿو: ۽ لڪل جاين ۾ بي گناهہ کي قتل ٿو ڪري: هن جون اکيون ڳجهيءَ طرح لاچار تي کُتل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هو ڳوٺن منجھہ ڳجھين جاين تي تاڙ ۾ ويهن ٿا، تان‌تہ انهن کي قتل ڪن جيڪي بي‌گناهہ آهن. هنن جون اکيون ڳجھيءَ طرح لاچارن کي پيون تاڙين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 10:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان سواءِ منسيءَ گهڻوئي رت بي گناهہ هاريو، جيسين ڪ هن يروشلم کي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ڀري ڇڏيو؛ انهيءَ کان سواءِ اهو گناهہ ڪيائين جو يهوداہ کان گناهہ جا ڪم ڪرايائين، اهڙا ڪم جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


خوني پرهہ ڦٽيءَ جو اٿي ٿو ۽ هو غريب محتاج کي ڪهي ٿو؛ ۽ رات جي وقت هو چور وانگر آهي.


انهن اسان کي قدم قدم تي اچي گهيريو آهي: ۽ اسان کي زمين تي ڪيرائڻ لاءِ پنهنجون اکيون لڳايون اٿن.


اهي بيوہ زالن ۽ پرديسين کي قتل ٿا ڪن، ۽ يتيمن جو خون ٿا ڪن.


اي شرير شخص، سچي جي گهر ۾ گهڙڻ لاءِ ڇپ هڻي لڪي نہ ويهہ؛ هن جي آرام جي جاءِ خراب نہ ڪر:


پر تنهنجون اکيون ۽ تنهنجي دل فقط تنهنجي لالچ لاءِ، ۽ بيگناهہ رت وهائڻ لاءِ، ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ لاءِ آهن.


تو سندن ئي لٺ سان سندن بهادرن جو سر ڦوڙيو: هو مون کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واچوڙي وانگر آيا، ۽ هنن جي خواهش انهيءَ ۾ هئي تہ غريبن کي ڳجهيءَ طرح ڳهي وڃن.


هاڻي انهي کانپوءِ خداوند ٻيا ستر ڄڻا مقرر ڪيا، ۽ اُنهن کي پاڻ کان اڳ ۾ سڀ ڪنهن شهر ۽ هنڌ، جتي پاڻ وڃڻو هو، اُتي ٻہ ٻہ ڪري موڪليائين.


تنهن کانپوءِ جلد ئي هيئن ٿيو تہ هو شهر شهر، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ منادي ڪندو، ۽ خدا جي بادشاهت جي خوشخبري ٻڌائيندو پئي گهُميو، ۽ اُهي ٻارهن بہ ساڻس گڏ هئا،


۽ سڪم جي ماڻهن جبلن جي چوٽين تي، ڄڪن ۾ ماڻهو لڪائي بيهاري ڇڏيا، ۽ انهن انهيءَ رستي تان ايندڙن سڀني ماڻهن کي پئي ڦريو: ۽ اها ڳالهہ ابيملڪ کي ٻڌائي ويئي.


۽ بادشاهہ دوئيگ کي چيو تہ تون ڦر، ۽ ڪاهنن تي حملو ڪر، تڏهن دوئيگ ادومي ڦري ڪاهنن تي حملو ڪيو، ۽ انهي ڏينهن هن پنجاسي ماڻهو ماريا، جن کي سڻيءَ جي ڪپڙي جو افود پيل هو.


تنهنڪري ڏسو ۽ هن جي لڪڻ جون سڀ جايون معلوم ڪريو، ۽ وري اچي مون کي پڪ ڏيو، تہ پوءِ آءٌ اوهان سان گڏجي هلندس: ۽ هيئن ٿيندو تہ جي هو انهي ملڪ ۾ هوندو، تہ يهوداہ جي سڀني هزارن مان بہ آءٌ هن کي ڳولي ڪڍندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ