7 هن جو وات لعنت، ۽ دغا، ۽ ظلم سان ڀريل آهي: هن جي زبان تي ٺڳي ۽ برائي آهي.
7 انهن جو وات دغا، لعنت ۽ ظلم سان ڀريل آهي. هائو، سندن زبان تي هر دم ٺڳي ۽ برائي آهي.
شرارت هنن جي پيٽ ۾ آهي ۽ هو بدڪاري ڄڻين ٿا، ۽ هنن جي پيٽ ۾ ٺڳي پيئي نسري.
جيتوڻيڪ شرارت هن جي وات ۾ مٺي هوندي، جيتوڻيڪ هو اها پنهنجي ڄڀ هيٺيان لڪائيندو.
انهن مان سڀڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان اجايون ڳالهيون پيو ڪري، اهي منهن جا مٺا ٿي، دل ۾ ٻيائي رکي ٿا ڳالهائين.
انهن پنهنجيءَ زبان کي سپ وانگي تکو ڪيو آهي؛ سندن چپن هيٺ کپر جو زهر آهي.
جيڪي پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري مون کي چوڌاري گهيرو ٿا ڪن، تن جي وات جي بڇڙائي شل سندن مٿان پوي.
مون کي بچاءِ، ۽ پرديسين جي هٿان مون کي ڇڏاءِ، جن جي واتان اجايون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ انهن جو ساڄو هٿ ڪوڙ جو ساڄو هٿ آهي.
انهن جي واتان اجايون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ انهن جو ساڄو هٿ ڪوڙ جو ساڄو هٿ آهي.
انهي جي وات ۾ برائي ۽ دغا جون ڳالهيون آهن: ۽ هن سياڻپ ۽ نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي.
جيڪڏهن اهو مون کي گڏجڻ ٿو اچي، تہ اجايون ڳالهيون ٿو ڪري؛ هو پنهنجيءَ دل ۾ بڇڙائي ٿو گڏ ڪري: ۽ ٻاهر وڃي انهيءَ جو ذڪر ٿو ڪري.
ڇو تہ انهن جي وات ۾ ڪا سچائي ڪانهي؛ انهنجو اندر تمام بڇڙو آهي: انهن جي نڙي کليل قبر آهي؛ اُهي پنهنجيءَ زبان سان خوشامد ٿا ڪن.
تنهنجي وات مان بڇڙائي ٿي نڪري، ۽ تنهنجي زبان ٺڳيءَ جون ڳالهيون ٿي رٿي.
اي دغاباز زبان، تون موتمار لفظن کي پسند ٿي ڪرين.
هن جي وات جون ڳالهيون تہ مکڻ جهڙيون ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي: هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر حقيقت ۾ اُگهاڙيون ترارون هيون.
بدڪار پنهنجي ماءُ جي پيٽان ئي گمراهہ ٿين ٿا: اُهي ڄمندي ئي ڪوڙ ڳالهائيندا وتن.
ڀلي تہ اهي پنهنجي وات جي گناهہ، ۽ پنهنجي چپن جي ڳالهين سبب، ۽ پاراتن ڏيڻ، ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪري، پنهنجي مغروريءَ ۾ جهليا وڃن.
ڪاوڙ ۾ انهن کي فنا ڪر، فنا ڪرين تہ اهي نابود ٿي وڃن: ۽ کين معلوم ٿئي تہ خدا يعقوب تي، بلڪ زمين جي ڇيڙي تائين حڪم ٿو هلائي.
اهي رڳو هن کي سندس مرتبي کان ڪيرائڻ لاءِ پيا صلاحون ڪن؛ اهي ڪوڙ کان خوش ٿا ٿين: اهي پنهنجي وات سان برڪت ٿا ڏين پر اندر ۾ لعنت ٿا ڪن.
جن پنهنجي زبان ترار جهڙي تکي ڪئي آهي، ۽ پنهنجن سخت لفظن جا تير هڻڻ لاءِ ڪمانون ڪشيون آهن.
ڏس، هن کي بدڪاريءَ جا سور ٿيا آهن؛ ۽ بڇڙائي پيٽ ۾ اٿس، ۽ ڪوڙ کي ٿو ڄڻي.
اهي ٺٺوليون ڪري ظلم جون ڳالهيون ٿا ڪن: ۽ ٻٽاڪون ٿا هڻن.
ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان جي وسيلي خزانا هٿ ڪرڻ اُها ٻاڦ آهي، جا هيڏي هوڏي اُڏامي ٿي، جيڪي انهن کي ڳولين ٿا سي موت کي ڳولين ٿا.
بيهودگي ۽ ڪوڙ مون کان پاسي ڪر، نہ مون کي ڪنگالپڻ ڏي نہ دولت، مون کي اهو کاڌو کاراءِ جو منهنجي لاءِ ضروري آهي.
ڪوبہ راستيءَ سان دعويٰ نٿو ڪري، ۽ ڪوبہ سچائيءَ سان حجت نٿو ڪري: اهي اجاين ڳالهين تي ڀروسو رکن ٿا، ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهائين؛ انهن جي پيٽ ۾ دغا آهي، ۽ هو بدڪاري ٿا ڄڻين.
۽ ڪوڙ جي لاءِ پنهنجي زبان ڪمان وانگي ٿا موڙين: ۽ هو ملڪ ۾ زور وارا ٿيا آهن، پر نہ سچ جي لاءِ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو بڇڙائي ڏي وڌندا ٿا وڃن ۽ مون کي نٿا سڃاڻن.
تنهنجي رهڻ جي جاءِ ٺڳيءَ جي وچ ۾ آهي؛ خداوند ٿو فرمائي تہ ٺڳيءَ جي ڪري هو مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ٿا ڪن.
اوهين جي مسڪينن کي ڳهڻ ۽ ملڪ جي غريبن کي تباهہ ڪرڻ ٿا گهرو، سي هي ٻڌو.
اي نانگ جا ٻچو، اوهين بڇڙا ٿي ڪيئن چڱيون ڳالهيون ڪري سگهندا؟ ڇالاءِ تہ جيڪي دل ۾ ڀريل هوندو، سو ئي وات مان نڪرندو.