Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 10:6 - Sindhi Bible

6 هو پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿو تہ مونکي لوڏو ئي ڪين ايندو: سڀني پيڙهين تائين مون تي ڪڏهن مصيبت ڪانہ پوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هو پنهنجيءَ دل ۾ سمجھن ٿا تہ ”اسان کي ڪو لوڏو ڪين ايندو. سڀني پيڙهين تائين اسان تي ڪڏهن بہ مصيبت ڪانہ ايندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 10:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجو ڀروسو خداوند تي آهي، اوهين منهنجيءَ جان کي ڪيئن ٿا چئو تہ پکيءَ وانگي پنهنجي جبل ڏانهن اُڏامي وڃ؟


احمق پنهنجي دل ۾ چيو آهي تہ خدا آهي ئي ڪونہ. اهي خراب ٿيا آهن، انهن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي.


جو پنهنجا پئسا وياج تي اُڌارا نٿو ڏئي، نڪي بي گناهہ جي برخلاف رشوت ٿو وٺي. جيڪو اهو ڪم ٿو ڪري تنهن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو.


مون پنهنجيءَ خوشحاليءَ جي وقت چيو، تہ مون کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو.


ڇالاءِ جو خراب ڪم جي سزا جلد تعميل نہ ٿي ٿئي، تنهن ڪري انسان جي دل خراب ڪم ڪرڻ تي پڪيءَ طرح ڄمي ٿي وڃي.


۽ تو چيو تہ آءٌ هميشہ لاءِ بيگم ٿي رهنديس: جنهن ڪري تو اهي ڳالهيون دل تي نہ رکيون ۽ نہ تو انهن جي پڇاڙي ياد ڪئي.


اهي چون ٿا تہ اوهين اچو، آءٌ شراب کڻي ٿو اچان، ۽ اسين خوب پي مست ٿينداسين، ۽ سڀاڻي جو ڏينهن بہ اڄوڪي ڏينهن وانگي ٿيندو، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ وڏو ڏينهن ٿيندو.


جيتوڻيڪ هو ڳتيل ڪنڊن وانگر آهن، ۽ ڄڻ تہ شراب ۾ پُسيل آهن، تہ بہ سُڪل بهہ وانگي سڙي چٽ ٿي ويندا.


پر جيڪڏهن اُهو خراب نوڪر پنهنجي دل ۾ چوندو، تہ منهنجي ڌڻيءَ اچڻ ۾ دير ڪئي آهي؛


جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.


جيتري قدر انهي پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر کيس عذاب ۽ ڏک ڏيو. ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ آئون ملڪہ وانگر ويٺي آهيان، ۽ بيوهہ نہ آهيان، ۽ ڪنهن بہ طرح ماتم نہ ڪنديس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ