Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 10:5 - Sindhi Bible

5 هو پنهنجن واٽن ۾ هر وقت قائم ٿو رهي؛ تنهنجو انصاف هن جي نظر کان ٻاهر ۽ گهڻو مٿي آهي، هو پنهنجن سڀني دشمنن تي ڦوڪي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ بہ بڇڙا هر وقت سوڀارا ۽ بامراد ٿا رهن، تنهنجو انصاف هنن کي نظر ئي ڪونہ ٿو اچي. هو پنهنجي سڀني دشمنن کي حقير ٿا ڄاڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 10:5
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا زمين تي نظر ڪئي ۽ ڏٺائين تہ هوءَ بگڙجي پيئي آهي؛ ڇالاءِ جو زمين تي هر ڪنهن شخص پنهنجي هلت چلت خراب ڪري ڇڏي هئي.


پوءِ بادشاهہ پنهنجن ماڻهن سميت يروشلم ڏي ويو، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي رهاڪن يعني يبوسين سان وڙهي: انهن دائود کي چيو تہ تون هتي اچي ڪين سگهندين، بلڪ انڌا ۽ منڊا توکي هڪلي ڪڍي ڇڏيندا: هنن ڀانئيو تہ دائود اُتي اچي نہ سگهندو.


۽ ڏس، هڪڙو نبي اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو هي سارو وڏو ميڙ ڏٺو آهي يا نہ؟ ڏس، اهو اڄ آءٌ تنهنجن هٿن ۾ ڏيندس؛ ۽ تون ڄاڻندين تہ آءٌ خداوند آهيان.


خدا انهن کي ايترو ڏئي ٿو جو هو صحيح سلامت رهن ٿا، ۽ انهن تي ڀروسو رکن ٿا؛ ۽ هن جون اکيون هنن جي راهن تي آهن.


خداوند چوي ٿو تہ غريبن جو لٽجڻ، ۽ محتاجن جي دانهن ڪري، هاڻي آءٌ اُٿندس؛ ۽ جنهن تي اهي ٺٺوليون ٿا ڪن، تنهن کي سلامت رکندس.


ڇو تہ جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن مغرورن تي مون کي ريس آئي.


جيڪو ماڻهو نفعي جي لالچ ٿو رکي تنهنجا رستا اهڙا ئي آهن؛ اهو سندس ئي ساهہ ٿو ڪڍي.


ڏاهي جي لاءِ حياتيءَ جو رستو مٿي چڙهندو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ هو پاتال کان پري وڃي ٿو.


جي سچائيءَ جا رستا ڇڏين ٿا، تہ اونداهيءَ جي رستن تي هلن؛


جن جا رستا ڏنگا آهن، ۽ جن جون واٽون اُبتيون آهن:


خراب ماڻهن تي ريس نہ ڪر؛ نڪي هنن سان گڏ گذارڻ جي خواهش ڪر:


افسوس آهي انهن تي جي بي انصافيءَ جا حڪم جاري ڪن ٿا، ۽ انهن لکڻ وارن تي جي ڏنگائي لکن ٿا:


اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.


ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ اسان موت سان عهد اقرار ڪيو آهي، ۽ دوزخ سان اسان جو انجام آهي؛ جڏهن سزا جي اُٿل ٿيندي، تڏهن اها اسان ڏانهن نہ ايندي؛ ڇالاءِ جو اسان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ ڪيو آهي، ۽ دغا هيٺ اسان پاڻ کي لڪايو آهي:


تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ڪاوڙ جو جوش، ۽ جنگ جو زور انهيءَ تي ليٽائي وڌو؛ جنهن ڪري انهيءَ کي چوڌاري باهہ وڪوڙي وئي، تنهن هوندي بہ انهيءَ کي خبر ڪانہ پئي؛ باهہ ساڙي ڇڏيس تہ بہ هن اها ڳالهہ دل تي نہ رکي.


۽ انهن جي مجلس ۾ بربط ۽ تنبور ۽ دف ۽ بانسري آهن: پر انهن جو خداوند جي ڪم ڏي ڪوبہ ڌيان ڪونهي، نڪي انهن هن جي هٿن جي صفت تي ويچار ڪيو آهي.


ڪير ڏاهو آهي، جو هي ڳالهيون سمجهي؟ ڪير سياڻو آهي تہ اُهي معلوم ڪري؟ ڇالاءِ جو خداوند جا رستا سنوان آهن، ۽ نيڪ ماڻهو انهن تي هلندا؛ پر گنهگار انهن تي ڪِري پوندا.


هنن پاڻ کي تمام گهڻو خراب ڪيو آهي، جيئن جبعہ جي ڏينهن ۾ ڪيو هئائون: هو هنن جون بدڪاريون ياد ڪندو، هو هنن جي گناهن جي سزا ڏيندو.


سندن واٽن ۾ تباهي ۽ مصيبت آهي؛


۽ هو ٻنيءَ ۾ ويا، ۽ ڊاک گڏ ڪيائون، ۽ اُها لتاڙي پوءِ خوشي ڪيائون، ۽ پنهنجي معبود جي گهر اچي، اُها کاڌائون پيتائون، ۽ ابيملڪ تي لعنت ڪيائون.


تڏهن زبول هن کي چيو تہ هاڻي تنهنجو وات ڪٿي آهي، جو تو ٿي چيو تہ ابيملڪ ڪير آهي جو اسين انهي جي خدمت ڪريون؟ هي اُهي ماڻهو ناهن ڇا جن جي تو حقارت ٿي ڪئي؟ هاڻي مهرباني ڪري نڪري وڃي انهن سان وڙهہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ