Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 10:2 - Sindhi Bible

2 بڇڙا پنهنجيءَ مغروريءَ ۾ غريب جي پٺيان پيا آهن؛ ۽ جيڪي رِٿون رٿيون اٿن، تن ۾ پاڻ ئي ڦاسي پون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 بڇڙا پنهنجي مغروريءَ ۾ غريبن کي پيا آزارين. شل اُهي پاڻ ئي انهن رٿن ۾ ڦاسي پون جيڪي هو ٻين لاءِ ٿا رٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 10:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي لاءِ جو هن رحم ڪرڻ جي يادگيري نہ رکي، پر غريبن ۽ محتاجن ۽ دل شڪستن کي ستايائين، تہ کين قتل ڪري.


ڀلائيءَ جي لاءِ پنهنجي بندي جو ضامن ٿيءُ: تہ مغرور مون تي ظلم نہ ڪن.


شل منهنجي چال اهڙي قائم ٿئي جو آءٌ تنهنجي قانونن تي عمل ڪريان!


مغرورن مون تي ڪوڙي تهمت آندي آهي: آءٌ پنهنجيءَ سڄيءَ دل سان تنهنجن قاعدن کي مڃيندو رهندس.


مغرور جي تنهنجيءَ شريعت جي پيروي نٿا ڪن، تن مون لاءِ کڏون کوٽيون.


مغرورن مون لاءِ ڦندو ۽ رسيون لڪائي رکيون آهن؛ ۽ واٽ جي ڀرسان ڄار پکيڙيو اٿن؛ انهن مون لاءِ ڦاهي وڇائي آهي.


جن جي واتن مان ڪوڙيون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ جيڪي راستباز ماڻهوءَ جي برخلاف گستاخيءَ سان، مغروريءَ ۽ نفرت جون ڳالهيون ٿا ڪن، تن کي ماٺ ڪراءِ.


ائين نہ ٿئي جو مغرور ماڻهو مون تي لت کڻي، ۽ بڇڙن جو هٿ مون کي لوڌي ڪڍي.


ڀلي تہ اهي پنهنجي وات جي گناهہ، ۽ پنهنجي چپن جي ڳالهين سبب، ۽ پاراتن ڏيڻ، ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪري، پنهنجي مغروريءَ ۾ جهليا وڃن.


هنن جي لچائي خود سندس مٿي تي اچي پوندي، ۽ هنن جو ظلم خود سندس ڪاپار تي ڪڙڪندو.


هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي، جنهن هن اُمت کي مصرين جي هٿان ڇڏايو آهي، ڇالاءِ جو انهن مغروريءَ سان هنن جي برخلاف ڪيو.


تون اڃا بہ پاڻ کي منهنجيءَ اُمت کان مٿي ٿو سمجهين ڇا، جو هنن کي وڃڻ نٿو ڏين؟


شرير کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي رسن سان ٻڌو ويندو.


۽ تو پنهنجي دل ۾ چيو تہ آءٌ چڙهي آسمان ۾ ويندس، آءٌ پنهنجو تخت خدا جي تارن کان بہ مٿي رکندس؛ ۽ آءٌ جماعت واري جبل تي، اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾ وڃي ويهندس:


جيڪي توکي ڏسندا سي توتي غور سان نظر ڪندا، ۽ توتي ويچار ڪندا، ۽ چوندا تہ هي اهو ماڻهو آهي ڇا جنهن زمين کي ٿي ڏڪايو، ۽ بادشاهتن کي لوڏي ٿي ڇڏيو؛


تڏهن عزرياہ بن هوسعياہ، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ سڀني مغرور ماڻهن يرمياہ کي مخاطب ٿي چيو تہ تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين: خداوند اسان جي خدا توکي ڪونہ موڪليو آهي تہ چوين تہ اوهين مصر ۾ نہ وڃي رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ