Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 10:16 - Sindhi Bible

16 خداوند هميشہ تائين بادشاهہ آهي: غير قومون سندس ملڪ مان نابود ٿي ويون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اي خداوند! تون هميشہ هميشہ تائين بادشاهہ رهندين، مگر بت‌پرست قومون ڌرتيءَ تان نابود ٿي وينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 10:16
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي انهي مدامي بادشاهہ، يعني غير فاني، ناديدہ، واحد خدا جي عزت ۽ جلال هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.


خداوند ٻوڏ جي وقت تخت نشين هو؛ هائو خداوند هميشہ جي لاءِ تخت نشين آهي.


پر خداوند سچو خدا آهي؛ هو جيئرو خدا، ۽ دائم قائم بادشاهہ آهي: ان جي ڪاوڙ تي زمين ڏڪي ٿي، ۽ قومون ان جو غصو سهي نٿيون سگهن.


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي بادشاهت جي سڀني ڀاڱن ۾ ماڻهو داني ايل جي خدا جي حضور ڏڪن ۽ ڊڄن: ڇالاءِ جو اهو ئي جيئرو خدا آهي ۽ هميشہ قائم آهي، ۽ هن جي بادشاهت اهڙي آهي جا ناس ٿيڻ جي ڪانهي، ۽ هن جي حڪومت پڇاڙيءَ تائين قائم رهندي.


۽ اُنهن ڏينهن جي گذرڻ کانپوءِ مون نبوڪدنضر پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏي کنيون ۽ منهنجي سمجهہ موٽي مون ۾ آئي، ۽ مون خدا تعاليٰ جو شڪر ڪيو ۽ سندس تعريف ڪيم، ۽ تعظيم ڏنم، جو هو هميشہ لاءِ جيئرو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ هن جي حڪومت پيڙهي بہ پيڙهي هلي ٿي:


تنهنجي بادشاهت ابدي بادشاهت آهي، ۽ تنهنجي حڪومت سڀني پيڙهين تائين قائم ٿي رهي.


جيئن خداوند ٻين قومن کي اوهان جي اڳيان تباهہ ٿو ڪري، تيئن اوهين بہ خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌڻ ڪري تباهہ ٿي ويندا؛ ڇالاءِ جو اوهان خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌو.


اي خداوند تون هميشہ قائم آهين؛ تنهنجو تخت پيڙهي بہ پيڙهي هلندو هلي.


ڇالاءِ جو خداوند اسان جو منصف آهي، خداوند اسان جو شريعت ڏيندڙ آهي، ۽ خداوند اسان جو بادشاهہ آهي؛ اهو اسان کي بچائيندو.


خداوند هميشہ تائين بادشاهي ڪندو، اي صيون تنهنجو خدا سڀني پيڙهين تائين بادشاهي ڪندو، اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.


خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ هو حشمت سان پهريل آهي؛ خداوند طاقت سان ڍڪيل آهي، جا هن پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌي آهي: جهان بہ اهڙو قائم ڪيل آهي جو ڪوبہ انهي کي مٽائي نٿو سگهي.


هن ڌارين قومن کي انهن جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو، ۽ زمين ماپي اسرائيل جي قبيلن کي ميراث ڪري ڏنائين، ۽ کين انهن جي خيمن ۾ رهايائين.


قومن جيڪا کڏ کوٽي آهي، تنهن ۾ اهي پاڻ ڪري پيون آهن؛ جو ڄار انهن لڪائي رکيو آهي، تنهن ۾ سندن ئي پير ڦاٿا آهن.


تو قومن کي ڇينڀيو آهي، تو بڇڙن کي برباد ڪيو آهي، ۽ انهن جو نالو هميشہ جي لاءِ مٽائي ڇڏيو اٿيئي.


خداوند هميشہ تائين بادشاهي ڪندو.


اي خداوند، عظمت، ۽ قدرت، ۽ جلال، ۽ فتح ۽ حشمت تنهنجي آهي: ڇالاءِ جو جيڪي ڪجهہ آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو تنهنجو آهي. اي خداوند، بادشاهي تنهنجي آهي، ۽ تون ئي سڀني جي مٿان بلند آهين.


هو راستبازيءَ سان دنيا جي عدالت ڪندو، ۽ سچائيءَ سان قومن جو انصاف ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ