12 اي خداوند، اُٿ: اي خداوند، پنهنجو هٿ مٿي کڻ: غريبن کي نہ وسار.
12 اي خداوند خدا! اُٿي کڙو ٿيءُ، ۽ بدڪارن تي پنهنجو هٿ بلند ڪر. جيڪي مسڪين ڏک ۾ آهن تن کي تون نہ وسارج.
ڀلي تہ تنهنجو هٿ تنهنجن دشمنن تي غالب پئي، ۽ ڀلي تہ تنهنجا سڀ ويري وڍجي وڃن.
ڇالاءِ جو خون جي جانچ ڪرڻ وارو انهن کي ياد ٿو ڪري؛ هو غريبن جي دانهن کي وساري نہ ٿو.
خداوند فرمائي ٿو تہ هاڻي آءٌ اُٿندس؛ هاڻي آءٌ پاڻ کي سربلند ڪندس؛ هاڻي آءٌ سرفراز ٿيندس.
اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.
اي جهان جا انصاف ڪرڻ وارا اُٿ: مغرورن کي بدلو ڏي.
تون جو پنهنجي ساڄي هٿ سان انهن کي سندن دشمنن کان بچائين ٿو جي توتي ڀروسو ٿا رکن؛ پنهنجي عجيب مهرباني ڏيکار.
خدا رحم ڪرڻ ڀلجي ويو آهي ڇا؟ هن غصي ۾ پنهنجي ٻاجهہ کي روڪي ڇڏيو آهي ڇا؟
اي خداوند، تون ڪيستائين مونکي وساريندين، هميشہ لاءِ وساري ڇڏيندين ڇا؟ ڪيستائين تون پنهنجو منهن مون کان لڪائي ڇڏيندين؟
اي خداوند، اُٿ، انسان غالب نہ ٿئي؛ ڀلي تہ تنهنجي حضور ۾ قومن جي عدالت ٿئي.
اي خداوند، پنهنجي غصي ۾ اُٿ، منهنجي دشمن جي جوش جي برخلاف اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ۽ مون لاءِ جاڳ؛ تو انصاف جو حڪم ڏنو آهي.
اي خداوند، اُٿ، اي منهنجا خدا مون کي بچاءِ؛ ڇالاءِ جو تو منهنجن سڀني دشمنن جي ڳلن تي لپاٽون هنيون آهن؛ ۽ بڇڙن جا ڏند ڀڃي ڇڏيا اٿيئي.
۽ سمسون خداوند کي پڪاري چيو تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ياد ڪر، ۽ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اي خداوند، رڳو هن ڀيري مون کي زور ڏي تہ آءٌ فلستين کان پنهنجين ٻن اکين جو وير وٺان.
اي خداوند، تون جو مونکي موت جي دروازن تان اُٿاريندڙ آهين، مون تي رحم ڪر؛ ۽ نفرت ڪرڻ وارا مون کي جيڪو ڏک ٿا ڏين، تنهن تي نظر ڪر.
اي خداوند، اُٿ، هن جي سامهون ٿي، هن کي هيٺ ڪيراءِ: پنهنجيءَ ترار جي زور سان منهنجي جان کي شرير کان بچاءِ.
پنهنجي ڳيري جي جان مرن جي حوالي نہ ڪر: ۽ پنهنجي غريبن جي حياتيءَ کي هميشہ جي لاءِ نہ وسار.