1 اي خداوند، تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ ۽ ڏکيءَ ويل تون پاڻ کي ڇو ٿو لڪائين؟
1 اي خداوند! تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ منهنجي مصيبت جي وقت تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟
تون ڇو ٿو منهن لڪائين، ۽ مون کي پنهنجو دشمن سمجهين؟
جڏهن هو ڪم ڪري ٿو تڏهن آءٌ کٻي پاسي ٿو وڃان پر هو منهنجي نظر ۾ نٿو اچي؛ هو پاڻ کي سڄي پاسي لڪائي ٿو جنهن ڪري آءٌ هن کي ڏسي نٿو سگهان.
جڏهن هو آرام ڏئي ٿو تڏهن ڪير الزام آڻي ٿو سگهي؟ ۽ جڏهن هو پنهنجو منهن لڪائي ٿو تڏهن ڪير هن کي ڏسي ٿو سگهي؟ قوم سان ائين ڪرڻ ۾ اچي، يا فقط هڪڙي ماڻهو سان، ٻنهي لاءِ هڪڙي ڳالهہ آهي:
اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مونکي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ تون منهنجي مدد ڪرڻ کان ۽ منهنجون دانهون ٻڌڻ کان ڇو پاسي ٿيو آهين؟
مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ ۽ غصي ۾ پنهنجي ٻانهي کي لوڌي نہ ڪڍ: تون ئي منهنجو مددگار آهين؛ اي منهنجي نجات جا خدا، مون کي پري نہ ڪر، نڪي مونکي ڇڏي ڏي.
اي خداوند، تو پنهنجي مهربانيءَ سان منهنجي جبل کي قائم رکيو هو: پر جڏهن تو پنهنجو منهن لڪايو، تڏهن آءٌ منجهي پيس.
تون پنهنجو منهن ڇو ٿو لڪائين، ۽ اسان جي مصيبت ۽ ظلم کي ڇو ٿو وسارين؟
ڇالاءِ جو اسان جي جان جهڪي وڃي مٽيءَ سان ملي آهي: ۽ اسان جو جسم وڃي پٽ سان لڳو آهي.
خدا اسان جي پناهہ ۽ زور آهي، ۽ مصيبت جي وقت ڏاڍو هڪيو مددگار آهي.
اي خداوند تون ڇو منهنجي جان کي ڇڏي ٿو ڏين؟ ۽ مون کان پنهنجو منهن ڇو ٿو موڙين؟
اي اسرائيل جا آسرا، مصيبت جي وقت انهي جا بچائيندڙ، ڇالاءِ تون هن ملڪ ۾ پرديسيءَ وانگي ٿو رهين، ۽ انهي مسافر وانگي، جو هڪ رات لاءِ ٽڪي؟
تون ڇو انهي منجهيل ماڻهوءَ وانگي ٿيو آهين، ۽ انهيءَ بهادر وانگي جو بچائي نٿو سگهي؟ انهيءَ هوندي بہ اي خداوند، تون اسان جي وچ ۾ آهين، ۽ اسين تنهنجي نالي ٿا سڏجون؛ تون اسان کي ڇڏي نہ ڏي.