5 تنهن ڪري بڇڙا عدالت ۾ قائم ڪين رهندا، نڪي گنهگار راستبازن جي محفل ۾.
5 بيشڪ بڇڙا ماڻهو عدالت ۾ بيهي ڪين سگھندا، نڪي گنهگارن کي سچارن جي محفل ۾ ڪا جاءِ ملندي.
ڪير خداوند جي جبل تي چڙهندو؟ ۽ ڪير سندس پاڪ مڪان ۾ بيهندو؟
منهنجي جان کي گنهگارن سان شامل نہ ڪر، نڪي منهنجي زندگيءَ کي خوني ماڻهن سان گڏ ڪر:
مغرور تنهنجي اڳيان بيهي ڪين سگهندا؛ توکي سڀني بدڪارن کان نفرت آهي.
خداوند پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، هن انصاف ڪيو آهي، بڇڙو پنهنجي ئي هٿن جي ڪم ۾ ڦاٿل آهي.
تڏهن اوهين موٽندا، ۽ شرير ۽ سچار جي وچ ۾، ۽ خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ بي دين جي وچ ۾ امتياز ڪندا.
جهان جي پڄاڻيءَ ۾ بہ ائين ئي ٿيندو: ملائڪ ايندا ۽ بڇڙن کي چڱن مان ڪڍي ڌار ڪندا،
۽ سڀني قومن کي آڻي هن جي اڳيان گڏ ڪندا، ۽ هو اُنهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪندو، جهڙيءَ طرح ڪ ريڍار رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آهي:
تڏهن وري هو کٻي پاسي وارن کي چوندو تہ اي ملعونو، مون وٽان ٽري وڃو، ۽ وڃي هميشہ جي باهہ ۾ پئو، جا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي.
۽ انهن کي هميشہ جي سزا ملندي: پر راستبازن کي هميشہ جي زندگي.
پر اوهين هر وقت سجاڳ رهو ۽ دعا گهُرو تہ اهي جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ جي طاقت مليوَ، ۽ ابن آدم جي حضوريءَ ۾ بيهي سگهو.
انهي لاءِ تہ سڀني جو انصاف ڪري ۽ سڀني بي دينن کي، سندن انهن سڀني بي دينيءَ جي ڪمن لاءِ، جي هنن بي دينيءَ سان ڪيا آهن، ۽ انهن سڀني سخت ڳالهين لاءِ، جي بي دين گنهگارن سندس برخلاف ڪيون آهن، ڏوهاري ٺهرائي.“