Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 1:3 - Sindhi Bible

3 هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنڌي تي لڳايل آهي، ۽ پنهنجيءَ مند تي ميوو ٿو ڏئي، انهي جا پن بہ سڙي نٿا وڃن؛ سو جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اهي انهيءَ وڻ مثل آهن جيڪو نهر جي ڪپ تي لڳل هجي، جيڪو پنهنجي وقت تي ميوو ڏئي ٿو، ۽ جنهن جو پن بہ نہ ٿو ڪومائجي. بيشڪ هو جيڪي بہ ڪن ٿا تنهن ۾ ڪامياب ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 1:3
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو ڪم هن جي هٿ هيٺ هو تنهن تي قيد خاني جو داروغو نظرداري ڪانہ ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو خداوند هن سان هو، ۽ سندس هر ڪنهن ڪم ۾ سرفراز ڪيائينس.


۽ سندس مالڪ ڏٺو تہ خداوند يوسف سان آهي، ۽ جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن سڀ ۾ خداوند برڪت ٿو وجهي.


۽ خداوند هن سان هو؛ جنهن پاسي هو ويندو هو انهيءَ پاسي هو فتحياب ٿيندو هو: ۽ هو اسور جي بادشاهہ کان باغي ٿيو ۽ هن جي تابعداري نہ ڪيائين.


هاڻي منهنجا پٽ، خداوند توساڻ هجي؛ ۽ توکي ڪامياب ڪري، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ گهر ٺاهج، جيئن هن تنهنجي نسبت ۾ فرمايو آهي.


جي تون انهن قانونن ۽ فيصلن جي سنڀال ڪندين جن سان خداوند موسيٰ جي معرفت اسرائيل جي هدايت ڪئي، تہ تون ڪامياب ٿيندين: مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت جهل، ڊڄ نہ، نڪي هراس ۾ پئُہ.


۽ خدا جي گهر جي خدمت لاءِ، ۽ شريعت لاءِ، ۽ حڪمن لاءِ جيڪو ڪم هن خدا جي طلب ۾ شروع ڪيو، سو پنهنجي سڄي دل سان ڪيائين، ۽ انهيءَ ۾ فتحياب ٿيو.


۽ گهڻن ماڻهن يروشلم جي خداوند لاءِ نذرانا، ۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي لاءِ قيمتي شيون آنديون: جنهنڪري هو انهيءَ وقت کان وٺي اڳتي سڀني قومن جي نظر ۾ جلال وارو ٿيو.


تہ بہ پاڻيءَ جي بانس تي هو وري ڦٽندو، ۽ ٻوٽي وانگر ٽاريون ڪڍندو.


تون ڪنهن ڳالهہ جو ذڪر ڪندين تہ اُها تنهنجي لاءِ قائم ٿي ويندي؛ ۽ تنهنجن رستن تي روشني چمڪندي.


تون پنهنجي هٿن جي ڪمائي کائيندين؛ تون سکي رهندين، ۽ تنهنجو ڀلو ٿيندو.


نڪي واٽهڙو ٿا چون، تہ خداوند جي برڪت اوهان تي هجي؛ يا اسين خداوند جي نالي اوهان کي برڪت ٿا ڏيون.


اهي پيريءَ ۾ بہ ڦل پيا ڏيندا؛ اهي رس سان ڀريل ۽ تازا رهندا.


تہ ظاهر ٿئي تہ خداوند سچو آهي؛ هو منهنجو ٽڪر آهي، ۽ منجهس ڪا ناراستي ڪانهي.


جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.


اوهين سچن بابت چئو تہ هنن سان ڀلائي ٿيندي؛ ڇالاءِ جو کين پنهنجو بدلو ملندو.


اهي واهن جي ڪناري، گاهن ۾ لئين وانگر نڪرندا.


۽ خداوند هميشہ تنهنجي رهنمائي ڪندو، ۽ ويران جاين ۾ تنهنجي جان کي ڍاول رکندو، ۽ تنهنجن هڏن کي مضبوط ڪندو؛ ۽ تون پاڻي ڏنل باغ وانگي، ۽ انهي چشمي وانگي ٿيندين جنهن جو پاڻي نٿو کٽي.


ڇالاءِ جو هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي ڀرسان پوکيل هجي، ۽ جو پنهنجون پاڙون نديءَ جي ڪناري تي پيو پکيڙي، انهن کي گرميءَ جي اچڻ جو ڪوبہ ڊپ نہ ٿيندو، ۽ سندس پن ساوا رهندا: ۽ خشڪ ساليءَ جي ڪابہ ڳڻتي نہ هونديس، ۽ نہ ڦر ڏيڻ کان بس ڪندو.


اُهو چڱي زمين ۽ گهڻي پاڻيءَ جي ڀرسان پوکيل هو تہ گهڻيون ٽاريون ڪڍي، ۽ ڦر جهلي، ۽ سهڻي ڊاک ٿئي.


تنهنجي ماءُ تو وانگر انهي ڊاک جهڙي هئي جا پاڻي جي ڀرسان پوکي ويئي: هوءَ گهڻي پاڻيءَ ڪري ڦر واري ٿي ۽ ٽارين سان ڀرجي ويئي.


تنهنڪري هن جو قد وڏو ٿيندو ويو، ۽ ميدان جي سڀني وڻن کان مٿي چڙهي ويو؛ ۽ ان جا ڏار گهڻا ٿيا، ۽ ان جون ٽاريون ڊگهيون ٿيون، جو انهن جي نڪرڻ مهل ججهو پاڻي ٿي مليس.


۽ نديءَ جي ڀرسان ان جي ڪناري تي ٻنهي پاسي هر قسم جا ميويدار وڻ اُڀرندا، جن جا پَن ڪين ڪومائبا، ۽ نہ انهن جو ميوو کٽندو: هر مهيني اُهي نئون ڦر ڪندا، ڇالاءِ جو انهي جا پاڻي پاڪ مڪان مان ٿا نڪرن: ۽ ان جو ميوو کائڻ ۾ ايندو ۽ ان جا پن دوا جي ڪم ايندا.


اهي اهڙا تہ پکڙيل آهن، جهڙيون ماٿريون، ۽ جهڙا ندين جي ڪنارن وارا باغ، ۽ جهڙا خداوند جا پوکيل عود جا ٻوٽا، ۽ پاڻيءَ جي ڀر وارا سرو جا وڻ.


۽ جڏهن سج نڪتو تڏهن اُهي سڙي ويا ۽ پاڙ نہ هئڻ سبب سُڪي ويا.


۽ رستي جي ڀرسان هڪڙو انجير جو وڻ ڏسي انهي ڏانهن آيو، ۽ ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ منجهس ٻيو ڪي ڪينهي، سو هن کي چوڻ لڳو تہ اڄ ڏينهن کان وٺي ڪڏهن بہ تو ۾ ڦل نہ ٿئي، ۽ انهي دم اُهو انجير جو وڻ سُڪي ويو.


۽ جڏهن ڦل جي موسم ويجهي آئي، تڏهن انهن آبادگارن ڏانهن هن پنهنجا نوڪر موڪليا، تہ سندس ميوي جو حصو وٺي اچن.


هنن چيس، تہ هو انهن بڇڙن سان ڏاڍيون جُٺيون ڪري کين چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيندو، جي هر ڪنهن مند تي کيس ميوو ڏيندا رهندا.


جيڪڏهن ڪو مون ۾ نہ رهندو، تہ ٽاريءَ وانگر اُن کي ڪڍي ڦٽو ڪبو، ۽ اُهو سُڪي ويندو؛ ۽ پوءِ اُنهن کي ميڙي چونڊي باهہ ۾ ٿا وجهن، ۽ اُهي سڙي ڀسم ٿا ٿين.


خداوند جي حڪم سان تنهنجن ڀانڊن ۾، ۽ جن جن ڪمن ۾ تون هٿ وجهندين، تن سڀني ۾ برڪت پوندي، جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ توکي برڪت ڏيندو.


هي جڏهن اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا، تڏهن اوهان جي محبت جي مجلسن ۾ لڪل ڇپون آهن، ۽ بنا ڊپ ڊاءَ جي پنهنجي پيٽ ڀرڻ وارا ڌنار آهن؛ ۽ بي پاڻيءَ ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. سرءُ جي موسم جا وڻ آهن جن ۾ ڦل ڪونهي، ۽ اصل ئي سُڪل ۽ پاڙون پٽيل آهن.


۽ نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي زندگيءَ جو وڻ هو، جنهن ٻارهن قسمن جا ڦل ٿي ڏنا، ۽ هر مهيني منجهس نوان ڦل ٿي لڳا؛ ۽ اُنهي وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ