17 چورايل پاڻي مٺو ٿو ٿئي، ۽ جيڪا ماني لڪي ٿي کائجي سا چڱي ٿي لڳي.
17 ”لڪ ڇپ ۾ پيتو ويندڙ پاڻي وڌيڪ مٺو لڳي ٿو، ۽ جيڪو کاڌو لڪ چوريءَ ۾ کائجي ٿو، سو وڌيڪ لذيذ ٿئي ٿو.“
جڏهن زال ڏٺو تہ هن وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ چڱو، ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ سمجهہ ڏيڻ لاءِ سٺو آهي، تڏهن اهو ميوو ڇني پاڻ بہ کاڌائين، ۽ پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين، ۽ هن بہ کاڌو.
دغا جي ماني ماڻهوءَ کي مٺي ٿي لڳي؛ پر پوءِ هن جو وات ڪڪريءَ سان ڀرجي ٿو.
اهڙو ساڳيو زنا ڪندڙ زال جو رستو آهي، هوءَ کائي ٿي، ۽ پنهنجو وات اُگهي ٿي، ۽ چوي ٿي تہ مون ڪوبہ خراب ڪم نہ ڪيو آهي.
تنهنجا چشما پري پکڙي وڃن ڇا، ۽ پاڻيءَ جون نديون گهٽين ۾ وهي وڃن ڇا؟
ڀلي تہ تنهنجو چشمو برڪت وارو هجي، ۽ تون پنهنجي جوانيءَ جي زال سان خوش رهہ.
پر گناهہ وجهہ وٺي، اُنهي حڪم جي ڪري، مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي. ڇالاءِ جو شريعت کانسواءِ گناهہ مُئل آهي.
ڇالاءِ جو جيڪي ڪم هو ڳجهہ ڳوهہ ۾ ٿا ڪن، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم آهي.