Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 9:12 - Sindhi Bible

12 جيڪڏهن تون ڏاهو آهين تہ پنهنجي لاءِ ڏاهو آهين: ۽ جيڪڏهن تون ٺٺوليون ڪندين تہ تون ئي انهيءَ جو بار کڻندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جيڪڏهن اوهين ڏاها آهيو تہ انهيءَ جو اوهان کي ئي فائدو رسندو. پر جيڪڏهن اوهين هٺيلا آهيو تہ انهيءَ مان نقصان بہ اوهان جو ئي ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 9:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جي سچ پچ مون خطا ڪئي آهي، تہ ڀلي منهنجي خطا مون وٽ ئي رهي.


هاڻي پاڻ کي هن سان واقف ڪر ۽ سلامت رهہ، انهيءَ ڪري توکي چڱائي پهچندي.


گمراهہ دل وارو پنهنجن رستن سان ڀريل رهندو: ۽ چڱو ماڻهو پاڻ منجهان ئي راضي رهندو.


پورهئي ڪندڙ ماڻهوءَ جي اشتها ان جي لاءِ پورهيو ٿي ڪرائي؛ ڇالاءِ جو هن جو وات اهو هن کان گهري ٿو.


سزا جا فيصلا ٺٺوليون ڪندڙن جي لاءِ تيار ڪيا ويندا آهن، ۽ چهبڪ بي عقلن جي پٺن لاءِ


تنهن ڪري هاڻي اوهين ٺٺولي نہ ڪريو، متان اوهان جا بند مضبوط ڪيا وڃن؛ ڇالاءِ جو مون خداوند، لشڪرن جي خداوند کان ٻڌو آهي، تہ هن ساري ملڪ کي تباهہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.


جيڪا جان گناهہ ڪندي سا مرندي: پٽ پيءُ جو گناهہ نہ کڻندو. نڪي پيءُ پٽ جو گناهہ کڻندو؛ سچار جي سچائي اُنهي تي رهندي، ۽ شرير جي شرارت بہ انهي تي ئي رهندي.


۽ باقي جيڪي گهراڻا بچيل هوندا، سي سڀ علحدا علحدا، ۽ انهن جون زالون علحديون علحديون ماتم ڪنديون.


ڇالاءِ جو سڀڪو ماڻهو پنهنجو بار پاڻ کڻندو.


۽ جهڙيءَ طرح هن پنهنجي سڀني خطن ۾ بہ هنن ڳالهين بابت ذڪر ڪيو آهي، انهن مان ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جن جو سمجهڻ مشڪل آهي، ۽ جنهن جي معنيٰ جاهل ۽ غير مستقل ماڻهو ڦيرائي اُبتي پيا ڪن، جيئن ڪ ٻين پاڪ لکيتن جي بہ ڪندا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ کي برباد ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ