Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 8:9 - Sindhi Bible

9 جيڪو سمجهي ٿو تنهنجي لاءِ اُهي سڀ صاف آهن، ۽ جن کي علم حاصل آهي تن جي لاءِ اهي سچيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جن ماڻهن کي سمجھہ آهي، تن جي نظر ۾ اهي سڀ ڳالهيون درست آهن. هائو، ڄاڻ وارن ماڻهن آڏو اهي بلڪل سچيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 8:9
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو ڏاهپ کي ڳولي ٿو پر انهيءَ کي لهي نٿو: مگر جنهن کي سمجهہ آهي تنهن کي علم آسانيءَ سان ملي ٿو.


سمجهہ واري ماڻهوءَ جي دل علم جي طلب ۾ رهي ٿي: پر بي عقلن جو وات بي عقليءَ تي گذران ڪري ٿو.


ڏاهي جي لاءِ حياتيءَ جو رستو مٿي چڙهندو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ هو پاتال کان پري وڃي ٿو.


ڏاهپ انهيءَ جي منهن جي اڳيان آهي جنهن کي سمجهہ آهي: پر بي عقل جون اکيون زمين جي ڪنارن تي آهن.


سياڻي جي دل علم حاصل ڪري ٿي، ۽ ڏاهي جو ڪن علم ڳولي ٿو.


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جو ڏاهپ لهي ٿو، ۽ اُهو ماڻهو جو سمجهہ حاصل ڪري ٿو.


اُتي هڪڙو شاهي رستو جاري ٿيندو، هڪڙو رستو جو پاڪيزگيءَ جو رستو سڏجڻ ۾ ايندو؛ ڪوبہ ناپاڪ انهيءَ تان نہ لنگهندو؛ پر اهو انهن مسافرن جي لاءِ ٿيندو، هائو، بي عقل بہ انهي تي نہ ڀلبا.


اي يعقوب جا گهراڻا، ڪڏهن ائين چوڻ ۾ ايندو ڇا تہ خداوند جو روح تنگ ٿي ويو آهي. هي انهي جا ڪم آهن ڇا؟ جيڪو سچائي تي هلي ٿو، تنهن کي منهنجي ڪلام مان فائدو نٿو رسي ڇا؟


نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهي، تہ ”اُهي سڀ خدا پاران سيکاريا ويندا.“ هرڪو جنهن پيءُ کان ٻُڌو آهي، ۽ وٽانئس سکيو آهي، سو مون وٽ ٿو اچي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندس مرضيءَ تي هلڻ ٿو گهُري، تہ کيس انهيءَ تعليم بابت خبر پوندي، تہ اُها خدا وٽان آهي يا آئون پاڻو ٿو چوان.


پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ