8 منهنجي وات جون سڀ ڳالهيون سچائيءَ واريون آهن؛ ۽ انهن ۾ ڪوبہ ڏنگ يا ڏانوَ ڪونهي.
8 منهنجي هر ڳالهہ سچائيءَ واري هوندي آهي، جنهن ۾ ڪوبہ ڏنگ ڏانءُ نہ هوندو آهي.
خداوند جو ڪلام خالص آهي، انهيءَ چاندي وانگر جا کوري ۾ آزمايل هجي، ۽ ست ڀيرا صفا ڪيل هجي.
ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو ڏاهپ کي ڳولي ٿو پر انهيءَ کي لهي نٿو: مگر جنهن کي سمجهہ آهي تنهن کي علم آسانيءَ سان ملي ٿو.
جن جا رستا ڏنگا آهن، ۽ جن جون واٽون اُبتيون آهن:
ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي چڱي تعليم ٿو ڏيان؛ اوهين منهنجو قاعدو نہ ڇڏجو.
خدا جو خوف بديءَ کي ڌڪارڻ ۾ آهي: مغروريءَ، هٺ، ۽ بڇڙي واٽ، ۽ بيهودي وات کي آءٌ ڌڪاريان ٿي.
مون پنهنجو قسم کنيو آهي، منهنجي وات مان سچائيءَ سان ڪلام نڪتو آهي، سو وري نہ ڦرندو، تہ سڀڪو گوڏو منهنجي اڳيان جهڪندو، ۽ هرڪا زبان منهنجو قسم کائيندي.
هي ڪير آهي جو ادوم کان ٿو اچي، ۽ قرمزي ڪپڙا پائي بصراہ کان ٿو اچي؟ اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جو ڏاڍي زور سان ٿو هلي؟ اهو آءٌ آهيان، جو راستبازيءَ سان ٿو ڳالهايان، ۽ بچائڻ لاءِ قادر آهيان.
حوالدارن جواب ڏنو تہ ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو.
هنن ساڻس خراب هلت ڪئي آهي، اهي سندس ٻار نہ آهن، اهو سندن عيب آهي؛ هوءَ گمراهہ ۽ ڏنگي قوم آهي.
تہ اوهين بي قصور ۽ بي ضرر ٿيو، ۽ انهن ڏنگن ۽ نرڄن جي زماني ۾، اوهين خدا جا بي عيب ٻار ٿي رهو، جنهن جي وچ ۾ اوهين اهڙا ٿا ڏسجو جهڙا دنيا ۾ چراغ؛