7 ڇالاءِ جو منهنجو وات سچ ڳالهائيندو، ۽ شرارت منهنجي چپن جي لاءِ نفرت جهڙي شيءِ آهي.
7 بيشڪ آءٌ هميشہ سچ ئي ڳالهائيندي آهيان، ۽ ڪوڙ کان مون کي سخت نفرت آهي.
ڇالاءِ جو سچ پچ منهنجون ڳالهيون ڪوڙيون نہ آهن: جيڪو علم ۾ ڪامل آهي سو تو سان آهي.
راستباز جي واتان ڏاهپ ٿي نڪري، ۽ سندس زبان انصاف جي ڳالهہ ٿي ڪري.
ڪوڙ ڳالهائيندڙ چپن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: پر جي سچائيءَ سان هلت ٿا ڪن تن مان هن کي خوشي ٿئي ٿي.
شرارت جو ڪم ڪرڻ بادشاهن جي لاءِ ڪراهت جهڙي ڳالهہ آهي: ڇالاءِ جو تخت سچائيءَ سان قائم ٿو رهي.
بي انصاف ماڻهو سچي جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي، ۽ جيڪو سنئين سڌي رستي تي آهي سو وري شريرن جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي.
ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.
يسوع چيس تہ واٽ ۽ سچ ۽ زندگي آئون آهيان: منهنجي وسيلي ڌاران ڪوبہ پيءُ وٽ نٿو اچي.
سچ جي وسيلي کين پاڪ ڪر، تنهنجو ڪلام سچ آهي.
تنهن تي پلاطس چيس، تہ تڏهن تون بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع جواب ڏنو، تہ تون خود ٿو چئين تہ آئون بادشاهہ آهيان. انهي لاءِ ئي آئون ڄائو آهيان، ۽ انهي لاءِ دنيا ۾ آيو آهيان، تہ سچ جي شاهدي ڀريان. جيڪو سچ جي پاسي آهي، سو منهنجو آواز ٻُڌي ٿو.
يسوع جواب ڏيئي چين تہ جيتوڻيڪ آئون پاڻ پنهنجي شاهدي ٿو ڀريان، تہ بہ منهنجي شاهدي سچي آهي؛ ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ آئون ڪٿان آيو آهيان، ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃان؛ پر اوهان کي خبر ڪانهي تہ آئون ڪٿان آيو آهيان، يا ڪيڏانهن ٿو وڃان.
ڇالاءِ جو آئون چوان ٿو تہ مسيح خدا جي راستبازيءَ خاطر مختونن جو خادم ٿيو آهي، انهي لاءِ تہ جيڪي واعدا ابن ڏاڏن سان ڪيا ويا هئا سي پورا ڪري،
۽ لوديڪيہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جو آمين، وفادار ۽ سچو شاهد، ۽ خدا جي خلقت جو شروع آهي، سو هيئن ٿو چوي تہ