پوءِ خدا چيو، اسين انسان کي پنهنجيءَ صورت تي پاڻ جهڙو جوڙيون: تہ اُهي سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي، سڀني ڍورن تي، سڄيءَ زمين تي، ۽ سڀني سرندڙ جيتن تي حڪومت هلائين.
پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.
اي بابا، منهنجي مرضي آهي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، سي پڻ جتي آئون آهيان، اُتي مون سان هجن؛ انهي لاءِ تہ جو جلال تو مون کي پنهنجي پيار سان دنيا جي شروع کان اڳي ڏنو آهي سو هو ڏسن.