هو نفتالي جي فرقي جي هڪڙيءَ رن زال جو پٽ هو، ۽ هن جو پيءُ صور جو هڪڙو رهاڪو هو، ۽ پتل جو ڪم ڪندڙ هو؛ ۽ هو پتل جي هر قسم جي ڪم ۾ سياڻپ ۽ سمجهہ، ۽ هنرمنديءَ ۾ ماهر هو. ۽ هو سليمان وٽ آيو ۽ سندس سڀ ڪم ڪيائين.
۽ انهن سڀني شين، يعني خداوند جي گهر جي ورانڊي، ۽ آس پاس جي ڪوٺين، ۽ خداوند جي گهر جي خزانن، ۽ مخصوص ڪيل شين جي خزانن جو نمونو بہ ڏنو، جو هن کي روح جي وسيلي مليو هو: