Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 8:11 - Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو ڏاهپ لعلن کان بهتر آهي؛ ۽ اُهي سڀ شيون جي خواهش ڪرڻ جهڙيون آهن، سي انهيءَ سان مقابلي ڪرڻ جون نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 بيشڪ آءٌ هيرن جواهرن کان وڌيڪ قيمتي آهيان، بلڪ اهي سڀ شيون جيڪي اوهان کي بيحد خوشي ڏين ٿيون، سي بہ مون آڏو ڪين جهڙيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 8:11
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجو ڪلام منهنجي لاءِ ڪهڙو نہ مٺو آهي! هائو منهنجي وات کي ماکيءَ کان بہ مٺو ٿو لڳي.


تنهن ڪري آءٌ تنهنجن حڪمن کي، سون کان بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ پيار ٿو ڪريان.


تنهنجي وات جي شريعت مون لاءِ هزارن مهرن ۽ چانديءَ کان بهتر آهي.


اهي سون کان، بلڪ ڪُندن کان بہ وڌيڪ دلپسند آهن: اهي ماکيءَ کان ۽ ان جي ماناري کان بہ مٺا آهن.


ڏاهپ هٿ ڪرڻ سون کان ڪيترو نہ گهڻو بهتر آهي! هائو، سمجهہ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان زيادہ پسند ڪرڻ جي لائق آهي.


سون آهي ۽ گهڻيون لعلون بہ: پر علم وارا چپ هڪڙو قيمتي جواهر آهن.


نيڪ زال ڪير لهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو ان جي قيمت لعلن کان بہ گهڻو مٿي آهي.


ڏاهپ اهڙي چڱي آهي جهڙو ڪو ورثو: هائو، اُها انهن جي لاءِ چڱي آهي جي سج ڏسن ٿا.


ڇو تہ ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڇا حاصل ٿيندو جو هو سڄي دنيا هٿ ڪري ۽ پنهنجي جان وڃائي؟ يا ماڻهو پنهنجي جان جي عيوض ڇا ڏيندو؟


نڪي اهو سمنڊ جي پرئين ڀر آهي، جو تون چوين تہ ڪير اسان جي لاءِ سمنڊ جي پار ويندو، ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو، تہ اسين انهي تي عمل ڪريون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ