10 منهنجي تعليم وٺو ۽ نہ چاندي؛ ۽ خالص سون کي ڇڏي بہ علم وٺو.
10 مون کان نصيحت حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ منهنجيون ڳالهيون چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهن، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ.
اها سون جي بدلي نٿي ملي سگهي، نڪا چاندي توري ان جي قيمت ۾ ڏيئي سگهجي ٿي.
نہ سون نہ شيشو ان جي برابري ڪري سگهن ٿا: نڪي اُچي سون جا زيور انهيءَ جي بدلي ۾ ٿيندا.
تنهن ڪري آءٌ تنهنجن حڪمن کي، سون کان بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ پيار ٿو ڪريان.
آءٌ تنهنجي ڪلام جي ڪري اهڙو خوش آهيان، جو ڄڻ تہ وڏيءَ لٽ جو مال مليو اٿم.
تنهنجي وات جي شريعت مون لاءِ هزارن مهرن ۽ چانديءَ کان بهتر آهي.
سچي جي زبان عمدي چاندي آهي: شرير جي دل جو ڪوبہ ملهہ ڪونهي.
ڏاهپ هٿ ڪرڻ سون کان ڪيترو نہ گهڻو بهتر آهي! هائو، سمجهہ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان زيادہ پسند ڪرڻ جي لائق آهي.
سون آهي ۽ گهڻيون لعلون بہ: پر علم وارا چپ هڪڙو قيمتي جواهر آهن.
سچ کي خريد ڪر ۽ انهيءَ کي وڪڻي نہ ڇڏ؛ هائو، ڏاهپ کي ۽ تعليم کي ۽ سمجهہ کي.
منهنجو ميوو سون کان، هائو عمدي سون کان بهتر آهي؛ ۽ منهنجي پيدائش عمديءَ چانديءَ کان بهتر آهي.
ڏاهپ اهڙي چڱي آهي جهڙو ڪو ورثو: هائو، اُها انهن جي لاءِ چڱي آهي جي سج ڏسن ٿا.
پر پطرس چيس تہ رپو ۽ سون تہ مون وٽ ڪونهي؛ پر جيڪي اٿم سو توکي ڏيان ٿو. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي اُٿي گهُم ڦر.
غمگينن وانگر، مگر هميشہ خوش؛ غريبن وانگر، مگر گهڻن کي شاهوڪار ٿا ڪريون؛ سُڃن سکڻن وانگر، مگر سڀ ڪجهہ رکڻ وارا.